وارهه ۾ واپاريءَ کان ڏينهن ڏٺي جو 30 لک رپين جي ڦر، هڙتال، ڌرڻو

0
92

وارھ ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن پاران ڏينهن ڏٺي شهر مان واپاريءَ کان 30 لک روپين جي ڦر، واقعي خلاف واپارين جي سڏ تي هڙتال، احتجاج ۽ ڌرڻو

مظاهرين چيو ته هٿياربندن واپاري  نواز علي بروهي جي ڀائيٽي عبيد بروهي کان وچ شهر مان 30 لک روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا

 واپارين ڪاروبار بند ڪري فاضل راهو چونڪ تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين به ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي

 واپاري نواز علي بروهي چيو ته بدامني وڌي وئي آهي، ڦر ٿيل رقم واپس نه ڪرائي وئي ته تحريڪ هلائينداسين