نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ وارن آر اوز جي فيصلن خلاف اليڪشن ٽربيونلز ۾ اپيلون داخل

0
99

اليڪشن 2024 لاءِ نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ وارن آر اوز جي فيصلن خلاف اليڪشن ٽربيونلز ۾ اپيلون داخل ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل جي جسٽس ارشد حسين پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي درخواست تي ٻڌڻي هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جسٽس ارشد حسين جي انڪار بعد فردوس شميم جي اپيل جسٽس خادم حسين تنيو جي ٽربيونل ڏانهن منتقل ڪيو ويو

 فردوس شميم نقوي جا نامزدگي ڪاغذ ڪراچي جي اين اي 236 تان رد ڪيا ويا هئا

 ملير جي صوبائي تڪ پي ايس 86 جي آزاد اميدوار مظهر علي جوڻيجو به نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي

 جسٽس خادم حسين تنيو فردوس شميم ۽ مظهر علي جوڻيجو جي اپيلن تي ٻڌڻي هلائيندو