هڪ ڪلو اٽو وٺڻ لاءِ نڪرندڙ غريب ماڻهوءَ جا پگهر نڪري اچن ٿا: وزير اعظم

0
281
هڪ ڪلو اٽو وٺڻ لاءِ نڪرندڙ غريب ماڻهوءَ جا پگهر نڪري اچن ٿا: وزير اعظم
هڪ ڪلو اٽو وٺڻ لاءِ نڪرندڙ غريب ماڻهوءَ جا پگهر نڪري اچن ٿا: وزير اعظم

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته هڪ ڪلو اٽو وٺڻ لاءِ نڪرندڙ غريب ماڻهوءَ جا پگهر نڪري اچن ٿا، ان صورتحال جون ذميوار حڪومتون آهن

هن چيو ته ملڪ جا وڏا سرمائيدار بجلي چوري ڪن ٿا، شاهي خرچن ۽ ڪرپشن جي خاتمي تائين ملڪ ترقي نه ڪندو

ڊي آءِ خان ۾ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته قوم جي حالت بدلائڻ لاءِ ڪستو ٽوڙڻو پوندو، پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ رياست کي تباهه ڪيو

هن چيو ته اتحادين سياست بدران رياست کي بچائڻ جو فيصلو ڪيو، اسان ثابت قدمي سان رياست کي بچائي ورتو آهي

شهباز شريف دعويٰ ڪئي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙيو، اسان معاهدو بحال ڪرائي ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ 21 لک گهر ٺاهڻ جو اعلان