سنڌ ۾ 21 لک گهر ٺاهڻ جو اعلان

0
307
سنڌ ۾ 21 لک گهر ٺاهڻ جو اعلان
سنڌ ۾ 21 لک گهر ٺاهڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ جي صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ ۽ ناصر شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ جي 21 لک جهوپڙين ۾ رهندڙ ماڻهن کي پڪا گهر ٺاهي ڏينداسين، وزير اعظم ٿيو ته ڪي پي ۽ پنجاب ۾ به پڪا گهر ٺاهينداسين

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته واقعي ڪو اهڙو شخص جنهن جو ٽيون نسل رهي پيو، اُن جا خواب سنڌ حڪومت پورا ڪري رهي آهي، حڪومت نه رڳو گهر ٺاهي پئي ڏئي پر مالڪاڻه حق به ڏئي رهي آهي

شرجيل ميمڻ چيو ته لاڙڪاڻي کانپوءِ اڄ قمبر شهدادڪوٽ ۾ به تقريب ٿي رهي آهي، بي گهر ماڻهن کي گهر ڏينداسين

شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي سدائين عوام سان گڏ رهي آهي، اسان ترقياتي اسڪيمن مان ڪٽوتي ڪري ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي

شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن سان ڪيل وعدا پورا ڪري ڇڏيا، 21 لک متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏئي رهيا آهيون، شرجيل دعويٰ ڪئي ته ڪارونجهر جبل جي نيلامي جو فيصلو نه ٿيو آهي،نيلامي وارو ٽينڊر رد ڪيو ويو آهي

شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ ۾ ڪجهه ماڻهو سياست سياست کيڏي رهيا آهن، پيپلزپارٽي واحد جماعت آهي جيڪا سياست نه پئي کيڏي، بلاول وزيراعظم ٿيو ته سموري ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺاهي ڏنا ويندا،

ناصر شاهه چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلزپارٽي سنڌ ۾ مڪمل سويپ ڪندي، سنڌ کانپوءِ ڏکڻ پنجاب ۾ پ پ جي پوزيشن مضبوط ٿي وئي آهي، سينٽرل پنجاب ۾ به پارٽي جي پوزيشن بهتر ٿي رهي آهي

هي به پڙهندا

سنڌ جا وڌيڪ ڪيترائي شهر ٻڏي ويا