هڪ شخص کي ٻاهر ان ڪري رکيو ويندو آهي ته جيئن پسنديده اميدوار کٽي وڃي: چيف جسٽس

0
182
سرڪاري ادارا رڳو ملازمن کي پالي رهيا آهن، هڪ هڪ جڳهه تي ٽيڻ تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن: چيف جسٽس
سرڪاري ادارا رڳو ملازمن کي پالي رهيا آهن، هڪ هڪ جڳهه تي ٽيڻ تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقيءَ جي معزولي خلاف درخواست تي ٻڌڻي لائيو جاري، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته هڪ شخص کي ٻاهر ان ڪري رکيو ويندو آهي ته جيئن پسنديده اميدوار کٽي وڃي

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ طرفان ٻڌڻي جاري، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت بئبچ جو حصو آهن

 چيف جسٽس معزول جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي وڪيل حامد خان کان پچيو ته جن الزامن تي عهدي تان هٽايو ويو، ڇا اهي صحيح آهن، اوهان جي درخواست آئين جي آرٽيڪل 184 ٿري تحت آهي، اوهان جي درزواست پڙهي، جيڪڏهن الزام درست آهن ته جن ماڻهن کي اوهان پارٽي بڻائڻ چاهيو ٿا ته انهن کي ڇا ملندو؟

چيف جسٽس چيو ته اوهان جو لزام آهي ته هو ڪنهن ٻي لاءِ سهولتڪار بڻجي رهيا هئقا، هڪ شخص کي نقصان پهچايو ويو ۽ءٌ ٻئي کي فائدو، هيءَ اوهان جي تقرير آهي، جن لاءِ هو سهولتڪار بڻجي رهيا هئا، اهي ڪير هئا؟اوهان آئين جي آرٽيڪل 184 ٿري ۾ داخل ٿي ويا آهيو، جيڪڏهن اوهان جا الزام درست آهن ته اوهان ملڪي آئين خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي

هن چيو ته اوهان ماڻهن تي پرپُٺ الزام لڳايا، جيڪڏهن اهي ماڻهو آئين جي پاسداري نه ڪري رهيا هئا ته ٻيا ماڻهو به چال ۾ ڦاسي پوندا، اوهان چئي رهيا آهيو ته متواتر وقت  تي اليڪشن سان ڀارت اڳتي نڪري ويو

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪنهن کي نااهل ڪيو وڃي ته ڪنهن کي فائدو به ته ٿيندو، آرٽيڪل 184 ٿري ۾ هي ڪيس اوهان اسان وٽ آندو آهي، اها تمام سنجيصده ڳالهه آهي پر اوهان هن کي سنجيده نه پيا وٺو، اوهان به ڪيترائي ڀيرا سپريم ڪورٽ بار جي اليڪشن ۾ حصو ورتو

هن چيو ته هڪ شخص کي ٻاهر ان ڪري رکيو وينيو آهيته جيئن پسنديده اميدوار کٽي وڃي،اسان اوهان کي ناهي گهرايو، اوهان پاڻ هتي آيا آهيو،هاڻي مرضي اسان جي هلندي، ايئن نه ٿو ٿي سگهي اوهان فرد واحد جو ڪيس کڻي اچو، آئين ۽ باقي ڪنهن کي نه ڏسو

جڏهن اسان وٽ آئين آهي ته اسان ان موجب هلنداسين، اهو ٿي نه ٿو سگهي ته اسان کي چيو وڃي ته هي ڪريو يا هو ڪريو، جيڪڏهن اوهان ايئن ڪيو ته پوءِ آئين، عدليه ۽ جمهوريت تي وڏو حملو هوندو، ان جو اسان وري نوٽيس وٺنداسين ۽ حتمي هنڏ تي پهچائينداسين
منهنجو سوال آهي ته فوج آزاد ادارو آهي يا گھڪومت جي ماتحت آهي، حڪومت جو سربراهه ڪير هوندو آهي؟ جنهن تي وڪيل حامد خان جواب ڏنو ته حڪومت جو سربراهه صدر هوندو آهي

 چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته صدر جا اختيار تمسم گهٽ آهن، هو پاڻ وزيراعظم جي ايڊوائس تي هلندو آهي، وفاقي حڪومت  ۽ ڪابينا هڪ شخص نسهن، جڏهن اسان وٽ آئين آهي ته اسان ان موجب هلنداسين

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ فيض حميد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو