سپريم ڪورٽ فيض حميد کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

0
188

سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي برطرف ڪيل جج شوڪت عزيز صديقي جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد کي نوٽيس موڪلي هُن کان الزامن جو جواب طلب ڪري ورتو آهي

شوڪت عزيز صديقي جي وڪيل جيڪي ست نالا ڏنا انهن ۾ اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو نالو به شامل هو، پر عدالت قرار ڏنو ته هُن جو هن ڪيس ۾ ڪو سڌو سنئون ڪردار سامهون نه آيو آهي

شوڪت عزيز جي وڪيل حامد خان آءِ ايس آءِ جي برگيڊيئر عرفان رامي ۽ برگيڊيئر فيصل مروت کي به ڌر بڻائڻ جي استدعا ڪئي، اڳوڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انور خان ڪاسي ۽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي رجسٽرار ارباب محمد عارف کي به نوٽيس موڪلي ڇڏيو

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڪيل حامد خان کي مخاطب ٿي پڇيو ته ڇا الزام هيٺ آيل جرنيلن پاڻ 2018 ۾ اقتدار ۾ اچڻ پئي گهريو؟ الزام درست آهن ته پوءِ انهن جرنيلن ڪنهن کي اقتدار ۾ آڻڻ پئي گهريو؟ جنهن جي اهي جرنيل سهولتڪاري ڪري رهيا هئا اهو ڪير هو؟

شوکت صدیقی برطرفی کیس: سپریم کورٹ نے سابق ڈی جی آئی ایس آئی فیض حمید کو نوٹس جاری کردیا

هنن وزيراعظم کي هٽائي جنهن کي آڻڻ پئي گهريو اهو ڪير هو؟ توهان سهولتڪارن کي ته ڌر بڻايو آهي فائدو وٺندڙن کي ڌر ڇو نه بڻايو آهي؟ آرٽيڪل 184 ٽي جي درخواست ۾ عدالت جو اختيار شروع ٿي چڪو آهي، فوجي آفيسر ڪنهن کي فائدو ڏئي ته اهو به هن ڄار ۾ ڦاسندو

 شوڪت صديقي جيڪي سنگين الزام هنيا انهن جا نتيجا به سنگين هوندا، سپريم ڪورٽ کي ڪنهن جي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي  آهي

هي به پڙهندا

هڪ شخص کي ٻاهر ان ڪري رکيو ويندو آهي ته جيئن پسنديده اميدوار کٽي وڃي: چيف جسٽس