هڪ جهڙن ڪردارن سبب ڊرامن کان پري آهيان: مهوش حيات

0
955
هڪ جهڙن ڪردارن سبب ڊرامن کان پري آهيان: مهوش حيات
هڪ جهڙن ڪردارن سبب ڊرامن کان پري آهيان: مهوش حيات

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا مهوش حيات چيو آهي ته هڪ جهڙن ڪردارن سبب ڊرامن کان پري آهيان. هڪ انٽرويو ڏيندي مهوش حيات چيو ته اداڪارا جي حيثيت سان چاهيان ٿي ته ڪو چيلينجنگ ڪردار ڪريان پر اڄڪلهه ڊرامن ۾ يڪسانيت آهي ۽ هڪ ئي موضوع تي ڊراما ٺهي رهيا آهن.

هن چيو ته ڊرامن ۾ ڪردار جي چونڊ پهرين کان وڌيڪ سوچي سمجهي ڪريان ٿي ڇاڪاڻ ته منهنجي خواهش آهي اهڙو ڪردار ڪريان جيڪو ڏسندڙن کي پسند اچي ۽ مون لاءِ پڻ وڏو چيلينج هجي.