لاڳيتو ٻه شڪستون: ڀارت تي تنقيد جو سلسلو ختم نه ٿيو، دلچسپ ميمز جي ڀرمار

0
280

ممبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ نيوزيلينڊ هٿان شڪست بعد ڀارت جي ٽيم تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته شڪست کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ميمز جو طوفان اچي ويو.

ڪجهه واهپيدار ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جو سفر ختم ٿيڻ جا ميمز شيئر ڪري رهيا آهن ته ڪجهه وري پوائٽس ٽيبل ابتو ڪري ڀارت کي پهرين پوزيشن تي ڏيکاري رهيا آهن. ٻئي پاسي ڀارتي ٽيم جي شڪست تي باليووڊ اداڪار ڪمال راشد خان ٽوئيٽر تي تنقيد ڪندي چيو ته ڀارتي ٽيم باقي ٽ3 ميچ به هارائي وڃي ته بهتر آهي، ائين ڪرڻ سان نيوزيلينڊ کي آءِ سي سي ايونٽ مان ٻاهر ڪري سگهبو. هن لکيو ته ڀارت اڳ ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي چڪو آهي،

ان ڪري هاڻي نيوزيلينڊ کي سيمي فائنل مان ٻاهر ڪرڻ لاءِ باقي ميچ به هارائي وڃي. ٻئي پاسي انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان چيو آهي ته ڀارت کي پنهنجي رانديگرن کي ٻين ملڪن جون ليگز به کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي ته جيئن ان سان ڀارتي ڪرڪيٽرن کي تجربو حاصل ٿئي.

نيوزيلينڊ کان شڪست بعد هڪ تماشائي تنقيد ڪندي چيو ته ڪست مان سکو، جڏهن توهان مغرور ٿي وڃو ٿا ته ائين ٿيندو آهي، هاڻي سک جو ساهه کڻو، هي آءِ پي ايل نه انٽرنيشنل ڪرڪيٽ آهي.