هڙتال ڪم ڏيکاريو: پيٽروليم ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ جي سمري منظور

0
217
هڙتال ڪم ڏيکاريو
هڙتال ڪم ڏيکاريو: پيٽروليم ڊيلرز جي مارجن ۾ واڌ جي سمري منظور

اسلام آباد: اقتصادي رابطا ڪميٽي پيٽروليم مصنوعات تي ڊيلرز جو مارجن وڌائڻ واري سمري منظور ڪري ورتي

پيٽرول تي ڊيلرز جو مارجن هڪ رپيو وڌائي 4.90 رپيا في ليٽر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊيزل تي منافعو 3 رپيا 30 پئسا کان وڌائي 4.13 رپيا في ليٽر ڪيو ويو آهي

ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پيٽروليم ڊيلرز پنهنجي منافعي جي مارجن وڌائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪري ڇڏيا هئا، جنهن کانپوءِ حڪومت مارجن ۾ واڌ جو يقين ڏياريو هو.