ڌيءُ کان طلاق جو لفظ ٻُڌي سَڪتي ۾ اچي وئي هئس:لارا دتا

0
374
ڌيءُ کان طلاق جو لفظ ٻُڌي

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارتي اداڪارا لارا دتا انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڌيءَ جي واتان طلاق جو لفظ ٻُڌي گهٻراهٽ جو شڪار ٿي وئي هئي. ناليواري ڀارتي اداڪارا لارا دتا هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن منهنجي ڌيءَ رڳو 4 سالن جي هئي ته هن طلاق جو لفظ استعمال ڪيو هو جنهن جي ڪري مونکي تڪليف محسوس ۽ مونکي لڳو ته دل جو دورو پوڻ وارو آهي

هن واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هڪ ڏينهن مان پنهنجي گهريلو ڪم ڪار ۾ مصروف هئس ته منهنجي ڀر ۾ ويٺل منهنجي ڌيءَ جيڪا راند کيڏي رهي هئي ان دوران هن چيو ته مونکي طلاق ٿي وئي آهي ۽ مان گهر ڇڏي وڃي رهtي آهيان، هي تنهنجو گهر آهي ۽ منهنجو گهر هُو آهي.لارا دتا چيو ته مان هڪ دم وائڙي ٿي وئي هيس ۽ ڌيءَ کان پڇا ڪئي ته اهو تون ڇا پئي چئين؟ اهو سڀ ڪجهه توکي ڪنهن ٻڌايو، هن چيو ته مونکي پاپا ٻڌايو آهي ته ماڻهن جي شادي ۾ جڏهن مسئلا ٿي ويندا آهن ته اهي گڏ رهڻ جي بدران طلاق وٺي الڳ رهڻ شروع ڪندا آهن.