هونڊا جون سموريون گاڏيون 19 سالن ۾ بجلي تي منتقل ڪرڻ جو اعلان

0
207

ٽوڪيو (انٽرسٽنگ نيوز) جاپاني ڪار ڪمپني هونڊا ايندڙ 19 سلان دوران پنهنجون سموريون گاڏيون سئو سيڪڙو اليڪٽرڪ بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. فرانس جي خابرو اداري اي ايف پي موجب هونڊا ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته 2040ع تائين ٺهندڙ سموريون گاڏيون اليڪٽرڪ ۽ فيول سيل يعني هائڊروجنگ تي هلايون وينديون. هوندا جي نئين سربراهه توشيرو مائيب جو چوڻ آهي ته اليڪٽرڪ اليڪٽرڪ ۽ فيول سيل گاڏين جو ٽارگيٽ واقعي ڏکيو آهي پر هو ڪمپني لاءِ وڏو هدف رکڻ چاهي ٿو. ڪمپني ايندڙ 19 سالن لاءِ طئه ڪيل هدفن موجب 2030ع تائين 40 سيڪڙو اليڪٽرڪ ۽ فيول سيل گاڏيون مارڪيٽ ۾ اچي وينديون، جڏهن ته 80 سيڪڙو 235ع تائين ۽ 2040 تائين سئو سيڪڙو گاڏيون عالمي مارڪيٽ ۾ اچي وينديون.