اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 11 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي، سڀ کان وڌيڪ شرح مردان ۾ 41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، لوئر دير ۾ 34، پشاور ۽ هري پور ۾ 27.27 سيڪڙو رهي، نوشهره ۾ 25 ۽ مالاڪنڊ ۾ 23 سيڪڙو ۽ صوبي ۾ مجموعي طور مثبت ڪيسن جي شرح 15 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي، پشاور ۾ 77 سيڪڙو، صوبي ۾ 71 سيڪڙو ۽ مردان جي 68 سيڪڙو آڪسيجن بيڊ تي ڪورونا مريض علاج هيٺ آهن، ڪوئيٽا ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن ۾ شرح 14 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 11 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ڪوئيٽا جي 27 شاگردن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي.