هانءُ ڏاريندڙ حادثو، 2 معصوم ٻارڙا اجل جو شڪار

0
199
هانءُ ڏاريندڙ حادثو
هانءُ ڏاريندڙ حادثو، 2 معصوم ٻارڙا اجل جو شڪار

ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان هانءُ ڏاريندڙ حادثي ۾ 2 معصوم ٻارڙا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته سندن گهرن ۾ڪهرام متل آهي

ڳوٺ گلڻ خان لاشاري ۾ 7 ورهين جي مريم لاشاري ۽ 4 سالن جو احمد لاشاري راند ڪري رهيا هئا ته ڀت ڪري پئي

حادثي جي نتيجي ۾ نينگري مريم لاشاري ٿڌي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته احمد سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو

ٻنهي ٻارڙن جا مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته ٻارڙن جي والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا