مهانگائي، ڪرنٽ اڪائونٽ، واپاري خسارو ۽ درآمدات جا حدف حاصل نه ٿيا: اقتصادي سروي رپورٽ

0
202
مالي سال 22-2021 جي

اقتصادي سروي  22-2021 جي اهم تفصيل سامهون آيا آهن، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جي ڊي پي، زراعت، ڀلائي ۽ صنعتي شعبي جا حدف حاصل ٿي چڪا آهن

اقتصادي سروي موجب مهانگائي، ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ واپاري خسارو، درآمدات جا طئه ٿيل حدف حاصل نه ٿي سگهيا آهن، بچت، سيڙپڪاري سميت ڪڻڪ ۽ ڪپهه جا پيدواري حدف به حاصل ناهن ٿيا

سروي رپورٽ موجب مالي سال 22-2021 ۾ مجموعي طور ملڪي پيدوار(جي ڊي پي) جي شرح 6 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جو حدف 4.8 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو هو

رپورٽ موجب مهانگائي جي شرح مقرر 8 سيڪڙو بدران 13.3 سيڪڙو تائين پهچي وئي، مجموعي سيڙپڪاري 16.1 سيڪڙو حدف جي مقابلي ۾ 15.1 سيڪڙو رهي

ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ملڪ ڏيوالي جي خطري مان نڪري معاشي استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي، حڪومت کي معاشي استحڪام آڻڻ لاءِ انتهائي ڏُکيا فيصلا ڪرڻا پيا

هن چيو ته عمران خان بارودي سرنگون اسان جي حڪومت لاءِ نه، پر رياست لاءِ وڇائي ويو، حڪومت نه، ملڪ مهانگائي، معاشي ۽ بجلي جي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي

مفتاح اسماعيل چيو ته ٿوري به گروٿ ٿيندي آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ ڦاسي پوندا آهيون، نئين بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌايون وينديون