هالا: هالا جي مرحوم مخدوم غلام محمد قريشي جي پٽن هڪ ڌر مخدوم جاويد، مخدوم شهزاد، ٻي ڌر مخدوم فرحان ۽ مخدوم زاهد عرف فرحاد ۾ اباڻي ملڪيت تان هلندڙ تڪرار ۾ ٺاپر نه اچي سگهي. مخدوم زاهد عرف فرحاد پاران پنهنجن وڏن ڀائرن پاران پنهنجي والده، ڀينرن ۽ ڀائرن کي اباڻي ملڪيت مان حصو گهرڻ تي انهن پاران مٿس ڪيل تشدد جي رپورٽ هالا ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ ۽ پوليس پاران مٿس حملي ۾ ملوث جوابدار ڀائرن خلاف ڪو به قدم نه کڻڻ تي زخمي مخدوم زاهد عرف فرحاد ۽ مخدوم فرحان اعليٰ اختيارين کان حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف ڀائرن تي حملي جي الزام هيٺ آيل مخدوم جاويد ۽ مخدوم شهزاد واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هنن ڪنهن تي ڪو به حملو ناهي ڪيو، البت سندس پيءُ مخدوم غلام محمد پاران پنهنجي حياتي ۾ لادعوا ڪيل ڀاءُ مخدوم زاهد عرف فرحاد سندن بنگلي ۾ زبردستي داخل ٿي در، درين ۾ لڳل سمورا شيشا ٽوڙڻ دوران هن پنهنجو پاڻ کي زخمي ڪندي هالا ٿاڻي تي سندن خلاف حملي جي ڪوڙي رپورٽ داخل ڪرائي آهي. هنن چيو ته مخدوم زاهد عرف فرحاد،مخدوم فرحان جن پهرين به ڪيترائي دفعا سندن گهرن تي چڙهائيون ڪندي کين نقصان پهچايو آهي.