حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاري ڪاميٽي پاران هاري جدوجهد کي زندگي ارپيندڙ  ڪامريڊ اظهر جتوئي جي 57هين سالگرهه ملهائي وئي. باباءِ سنڌ هائوس ڪلهوڙا ڪالوني ۾ مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي، ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي، جبار باغي ۽ ٻين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪامريڊ اظهر جتوئي پنهنجي سڄي زندگي هارين کي حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري ڇڏي. سنڌ هاري ڪميٽي به سندس ڇڏيل مشن کي تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ ڏسيل واٽ تي هلي رهي آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ساک وائکي ٿي وئي آهي. ڪو به ماڻهو هاڻي پاڻ کي محفوظ نٿو سمجهي. بااثر ماڻهو هارين جي زمينن تي مبينا طور قبضو ڪري ڪوڙا کاتا ٺهرايا رهيا آهن جڏهن ته پورهيتن کي بي گهر ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. اڳواڻن چيو ته سندن پورهيتن لاءِ جدوجهد جاري رهندي ۽ هو ڌرتي خلاف ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.