خيرپور (رپورٽر) سيشن ڪورٽ خيرپور، عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي  شاهه لطيف ٿاڻي تي، غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڪيس ۾ فريادي اي ايس آءِ شهباز ڏنو شر خلاف نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻئي پاسي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت زمين تي غيرقانوني قبضي جي الزام هيٺ داخل ڪيس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار تعلقو نارا ۽ انسپيڪٽر سروي سپرنٽينڊنٽ خيرپور کي نوٽيس جاري ڪندي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي.