ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ تعلقہ اسپتال ۾ سول جج ۽  فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ   محمد اسلم ڪلھوڙو اوچتو ڇاپو هنيو سول جج جي دوري دوران تعلقه اسپتال ميهڙ ۾  مقرر 6 ڊيوٽي ڊاڪٽر غير حاضر هيا ۽ ڪيترائي پئراميڊيڪل  عملو ڊيوٽي تان غائب هيو جڏهن ته اسپتال ۾ ايمرجنسي وارڊ ۾ ڪو به ڊيوٽي تي ڊاڪٽر موجود نه هو سول جج اسپتال جي سمورن شعبن جو دورو ڪرڻ بعد اسپتال جي دوري جي رپورٽ سيشن جج ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي جڏهن ته اسپتال جي دوري دوران اسپتال عملي توڙي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو واضع رهي ته تعلقه اسپتال ميهڙ ۾ ڪيتري وقت کان دوائن جي کوٽ ۽ ڊيوٽي تان عملي جي غائب هجڻ جون شڪايتون هيون.