دادو (رپورٽر) خيرپور ناٿن شاھ جي ڳوٺ ماڻو خان گاڏهي ۾ وياجي گونگي  پورهيت ادريس پٽ محمد رمضان گاڏهي جي گهر ۾ گهڙي مٿس وحشياڻو تشدد ڪري سندس چوپايو مال ڪاهي وڃڻ خلاف گونگو پورهيت زال ۽ معصوم ٻارن سميت ايس ايس پي آفيس ۽ عدالتي احاطي ۾ پهچي وياجي خلاف سخت احتجاج ڪندي ڪيو آهي ، گونگي پورهيت جي زال عائشه دانهيو ته سندس مڙس ادريس بشير گاڏهي کان 45 هزار اوڌر تي ورتا ، اسان بکون ڪاٽي کيس 95 هزار روپيا ڏنا آهن پوء وياجي 60 هزار روپيا گهري ٿو ، نه ڏيڻ تي هن گهر ۾ گهڙي منهنجي گونگي مڙس ۽ معصوم ٻارن تي تشدد ڪري اسان جو چوپايو مال ڪاهي ويو آهي ، وياجي اسان جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ، ڌمڪيون ڏيڻ سبب مڙس گهر کان ٻاهر نه ٿو نڪري ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن ، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي وياجي کان تحفظ ڏئي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.