حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ٽائون ڪاميٽي پٿورو جي وارڊ نمبر هڪ تي ووٽ داخل نه هئڻ تان 2 اميدوارن جا فارم رد ڪري ڇڏيا آهن. وارڊ نمبر هڪ تي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندڙ محمد فيصل وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي. درخواست ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته پ پ سان تعلق رکندڙ  طارق شورو ۽ ڪلديپ ڪمار جو ووٽ وارڊ نمبر 2 ۾ داخل آهي پر انهن وارڊ جي سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ نامزدگي فارم وارڊ نمبر هڪ تي جمع ڪرايا آهن. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ڄاڻايل اميدوارن جا آر او پاران فارم بحال ڪرڻ خلاف پهرين انهن ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر وٽ دانهيو هو پر ڪو تدارڪ نه ٿيڻ بعد هو هاءِ ڪورٽ پهتا آهن. درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس محمد ڪريم خان آغا ۽ جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم تي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد بنهي اميدوارن جا فارم رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.