وزيراعظم صنعتن تي سُپر ٽئڪس لڳائڻ جا ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيا

0
127

وزيراعظم شهباز شريف وڏين صنعتن تي سُپر ٽئڪس لڳائڻ جا ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيا آھن

جاري ٿيل هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو آهي ته ملڪ کي معاشي ڌُٻڻ کان بچائڻ لاءِ ڏُکين فيصلن جي چونڊ ڪئي آهي

شھباز شريف چيو تھ سخت فيصلن سان معاشي بحران کي ڪنٽرول ڪيو ويندو، حڪومت گهٽ آمدني ۽ پگهاردار طبقي تي گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي

سرندي وارن ۽ شاهوڪارن کي چيو اٿئون ته بار ورهائي قومي فرض نڀايو، سِڌن ٽئڪسز مان ملندڙ رقم ڏُکيائين جو شڪار ماڻهن تي خرچ ڪئي ويندي