ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان عامر سهيل چيو آهي ته نيوزيلينڊ طرفان دورو رد ٿيڻ پٺيان ڪهڙا سبب آهن، اهي معلوم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر چيو ته اسان کي نيوزيلينڊ بورڊ سان ڳالهائڻو پوندو ته نيٺ هن اهڙو فيصلو آخري وقت تي ڇو ڪيو، ڇا کيس پاڪستان جي خاطري تي ڀروسو نه هو؟ عامر سهيل وڌيڪ چيو ته اسان کي آءِ سي سي سان به سڌي ريت ڳالهائڻو پوندو.