ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سونو سود به ٽيڪس چور نڪتو، گهر تي ڇاپو هڻي رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب انڪم ٽيڪس کاتي جي عملي ممبئي ۾ اداڪار سونو سود جي گهر تي ڇاپو هڻي دستاويزن جي جاچ ڪئي، عملي 20 ڪلاڪن تائين ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران سندس بينڪ کاتن ۽ ان مان ٿيندڙ ٽرانزيڪشن، ناڻي جي ڏي وٺ سميت دستاويزن جي چڪاس ڪئي ان موقعي تي سونو سود کان پڇاڻو به ڪيو ويو.