اسلام آباد: ڪامورا به تحفا کڻي ويا. نيب چيئرمين کي 5 هزار 500 رپين جا تحفا ڪارپيٽ، پينن جو جوڙو، هڪ پين پروٽيج ڊائمنڊ،  ميڊلين جو سيٽ 2 هزار 800 رپيا قيمت لڳائي هڪ هزار رپين جي قيمت لڳائي ڀتين تي لٽڪائڻ جو سيٽ، آفيس ٽيبل سيٽ جي قيمت 1200 رپيا لڳائي 14 جولاءِ 2008 تي مفت ۾ ڏنا ويا. سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي ڪليم امام کي 24 سيپٽمبر 2008 تي وزيراعظم جي سي ايس او جي حيثيت ۾ گهڙي 24 هزار رپين جي قيمت لڳائي 2100 رپين ۾ ڏني وئي.  صدر جو ملٽري سيڪريٽري ۽ ٻيا ڪامورا به تحفا کڻندڙن ۾ شامل آهن.