اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان، نواز شريف، شهباز شريف، آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني سوڌو اڳوڻا ۽ موجوده حڪمران توشا خانه مان ڪروڙن جا تحفا ٽڪي ڌڙي کڻي ويا، حڪومت توشا خانه جو 2002ع کان 2023ع تائين جو 466 صحفن تي ٻڌل رڪارڊ ڪابينا ڊويزن جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري، خواجه آصف، شوڪت ترين، راجا پرويز اشرف، شوڪت عزيز ، ظفر الله جمالي ۽ ٻيا قيمتي سرڪاري تحفا گهٽ قيمت يا وري مفت ۾ کڻي ويندڙن ۾ شامل آهن. تفصيل موجب ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو توشا خانه مان تحفا حاصل ڪرڻ جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن، جيڪي تفصيل 466 صفحن تي ٻڌل آهن، اهڙو رڪارڊ ڪابينا ڊويزن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل تفصيلن مطابق سال 2002ع ۾ 257 تحفا اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف، وزيراعظم ۽ مختلف وفاقي وزيرن کي مليا، جن مان 184 تحفا بنا هڪ رپيو ادا ڪرڻ جي توشا خاني مان کڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سال 2003ع ۾ اڳوڻي صدر، وزيراعظم، مختلف وفاقي وزيرن کي ڪل 290 تحفا مليا، جن مان 146 تحفا بنا ڪنهن هڪ رپيو ادا ڪرڻ جا حاصل ڪيا ويا، سال 2004ع ۾ ڪل 350 تحفا مليا، جن مان 223 تحفا بنا ڪنهن هڪ رپيو ادا ڪرڻ جا حاصل ڪيا ويا، 2005ع ۾ ڪل 475 تحفا مليا، جن مان 342 تحفا بنا هڪ رپيو ادا ڪرڻ جا حاصل ڪيا ويا، سال 2006ع ۾ ڪل 381 تحفا مليا، جن مان 296 بنا ڪنهن رپيو ادائگي جي وصول ڪيا ويا، 2007ع ۾ ڪل 381 تحفا مليا، جن مان 312 تحفا بنا ڪنهن هڪ رپيو ادا ڪرڻ جا وصول ڪيا  ويا، 2002 کان 2007 تائين پرويز مشرف ۽ ان جي ڪابينا جي وزيرن ۽ حڪومتي عهديدارن کي مجموعي طور تي 2134 تحفا مليا جن مان 1503 تحفا بنا ڪنهن هڪ رپيو ادا ڪرڻ جي کنيا ويا،  مفت ۾ تحفا کڻندڙن ۾ اڳوڻو صدر پرويز مشرف، اڳوڻو وزيراعظم شوڪت عزيز ۽ ان جي ڪابينا جا ميمبر شامل آهن، اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي ملندڙ تحفن جي ماليت 65 لک رپين جي لڳ ڀڳ ظاهر ڪئي وئي آهي، 2005 ۾ پرويز مشرف کي مليل قيمتي گهڙي جي قيمت رڳو 5 لک رپيا ظاهر ڪئي وئي آهي، پرويز مشرف ملندڙ قيمتي تحفا جن ۾ گهڙيون، جيولري باڪس ۽ ٻيا تحفا معمولي رقم ادا ڪري پاڻ وٽ رکيا، پريز مشرف ٻه جيولري باڪس مفت ۾ کنيا،  جڏهن ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ڊسمبر 2018ع ۾ هڪ ڪروڙ 75 لک رپين جي گهڙي، قر آن پاڪ ۽ ٻيا تحفا مليا، جن مان ان قرآن پاڪ پاڻ وٽ رکي ٻيا تحفا جمع ڪرايا، عارف علوي جي گهرواريءَ کي 8 لک ماليت جو قيمتي هار ۽ 51 لک ماليت جو برسٽليٽ مليو جيڪو ان توشا خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي پهريون مهانگو ترين تحفو 18 ڪلو سون ۽ ڊائمنڊ تي ٻڌل واچ ملي، جنهن جي توشا خاني ۾ قيمت 8 ڪروڙ 50 لک طئي ڪئي وئي، ان کانسواءِ ڪف لنڪس، پين ۽ قيمتي منڊي به عمران خان کي مليا، جن جي مجموعي قيمت هڪ ڪروڙ 59 لک 20 هزار رپيا طئي ڪئي وئي، ائين واچ سميت انهن تحفن جي گڏيل قيمت 10 ڪروڙ 9 لک 20 هزار رپيا ٿئي ٿي، عمران خان 10 ڪروڙ رپين جي ماليت جا تحفا رڳو 2 ڪروڙ هڪ لک 78 هزار رپيا ڏئي اهي تحفا پاڻ سان گڏ کڻي ويو، ان کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 22 آڪٽوبر 2018ع تي قيمتي روليڪس واچ ملي، جنهن جي قيمت توشا خاني ۾ 15 لک رپيا طئي ڪئي وئي، عمران خان اها واچ رڳو 2 لک 94 هزار رپيا ادا ڪري گهر کڻي ويو، ان کان پوءِ عمران کي 13 نومبر 2018ع تي 2 روليڪس واچن سميت 11 تحفا مليا، جن جي توشا خاني ۾ قيمت 17 لک 23 هزار رپيا طئي ڪئي وئي، عمران اهي 11 تحفا 3 لک 38 هزار 600 رپيا ادا ڪري گهر کڻي ويو، جڏهن ته سال 2018ع دوران عمران خان کي پهريون تحفو 20 هزار رپين جي ماليت جو مليو، ٻيو تحفو ٽيبل ميپ 30 هزار ماليت جو مليو، جيڪي ان بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ وٽ رکيو، عمران خان کي 3 سيپٽمبر 2018ع تي 3 لک ماليت جو ڪارپيٽ مليو جيڪو هن وزيراعظم هائوس ۾ رکيو، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 20 هزار ماليت جو لاڪيٽ ۽ هڪ شيشي جو ڊيڪوريشن پيس 8 هزار ماليت جو مليو جيڪو ان پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، عمران خان کي مڪه ڪلاڪ ٽاور جي ماڊل جو 25  هزار ماليت جو تحفو مليو جيڪو هن پاڻ وٽ رکيو، عمران خان 12 سيپٽمبر تي 9 هزار ماليت جو مليل ڊيڪوريشن پيس به بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ سان کڻي ويو، ديوار تي ٽنگڻ لاءِ مليل تحفو جنهن جي ماليت 8 هزار هئي عمران خان اهو به گهر کڻي ويو، 8 نومبر 2018ع تي 14 مليل چانهه جي سيٽ جا پيس به عمران خان بنا ڪنهن ادائگي جي کڻي ويو، ائين 5 مهينن دوران عمران خان ۽ ان جي ڪابينا جي وزيرن ۽ صدر پاڪستان کي مجموعي طور تي 83 تحفا مليا، جن مان 38 تحفا عمران خان ۽ ان جي ڪابينا ۾ شامل وزيرن بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، ائين 17 جون 2019ع تي 5 لک 10 هزار ماليت جا 3 تحفا عمران خان کي مليا، جيڪي هن 2 لک 40 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، عمران خان کي ان بعد 11 لک 19 هزار 400 ماليت جا 6 تحفا مليا جيڪي هن 5 لک 44 هزار 700 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، عمران کي واچ جو باڪس 19 لک ماليت 17 آڪٽوبر 2019ع تي مليو، جيڪو ان 9 لک 35 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، ائين عمران خان سال 2019ع دوران 23 تحفا بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ سان گڏ کڻي ويو، جڏهن ته سال 2019ع دوران اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، ان جي ڪابينا جي وزيرن، صدر پاڪستان ۽ ٻين حڪومتي عهديدارن کي مجموعي طور تي 203 تحفا مليا، جن مان 89 تحفا بنا ڪنهن ادائگي جي عمران خان سميت ان جا وزير ۽ حڪومتي عهديدار گهر کڻي ويا، سال 2020ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي مسجد جو ماڊل تحفي ۾ مليو، جيڪو ان بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، ائين ڪيليگرافي پيس، ليڊيز هينڊ بيگ به بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، عمران خان کي سال 2020ع دوران 24 سيپٽمبر تي روليڪس واچ سميت 4 قيمتي تحفا مليا، جن جي قيمت 49 لک هئي، جنهن مان عمران خان 24 لک 35 هزار رپيا ڏئي اهي تحفا گهر کڻي ويو، عمران خان جي گهرواريءَ کي 4 قيمتي تحفا 24 سيپٽمبر 2020ع تي مليا جن ۾ نيڪليس، بريسليٽ، هڪ منڊي، ڪنن جي والن جي جوڙي شامل آهي، جنهن جي توشا خانه ۾ ڪل قيمت هڪ ڪروڙ 80 لک 92 هزار رپيا ٿي وئي، عمران خان جي گهرواري 90 لک 31 هزار رپيا ڏئي اهي تحفا پاڻ سان گڏ کڻي وئي، عمران خان آڪٽوبر ۾ مليل ڪارپيٽ، ديوار تي ٽنگڻ جو قيمتي تحفو ۽ 6 نومبر تي ديوار جي سجاوٽ لاءِ مليل تحفو، 2 ڊسمبر تي مليل ڊيڪوريشن جو پيس، ٽري بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ سان گڏ کڻي ويو، 2020ع ۾ عمران خان جي حڪومت ۾ شامل وزيرن، صدر ۽ حڪومتي عهديدارن کي مجموعي طور تي 81 تحفا مليا، جن مان مجموعي طور تي 32 تحفا بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ وٽ رکيا ويا، سال 2021ع ۾ عمران خان، ان جي ڪابينا ۾ وزيرن ۽ ٻين حڪومتي عهديدارن کي ڪل 116 تحفا مليا، جن مان 66 تحفا بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ وٽ رکيا ويا، سال 2021ع ۾ عمران خان کي 32 هزار رپين جي ماليت جو ڪارپيٽ مليو، جيڪو هن رڳو هڪ هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، ائين 22 فيبروري 2021ع تي مليل 22 هزار ماليت جو ڪارپيٽ عمران خان بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ وٽ رکيو، 4 مارچ تي عمران خان کي قيمتي ڊنر سيٽ مليو، جنهن جي قيمت هڪ لک 10 هزار رپيا رٿي وئي، جنهن مان 40هزار رپيا ادا ڪري عمران اهو ڊنر سيٽ جيڪو 27 شين تي ٻڌل هو پاڻ سان گڏ کڻي ويو، ائين 34 پيسن تي ٻڌل ساڳئي تاريخ ۾ ٻيو ڊنرسيٽ ۽ ڪفلنس عمران رڳو 45 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، عمران سريلنڪن تسبيح به پاڻ وٽ مفت ۾ رکي ڇڏي، 18 مئي 2021ع تي عمران خان کي 8 تحفا مليا، جن ۾ ماکي، کارڪون، اوليويا کاڄرو تيل،  ڪافي جا 3 پيڪيٽ، هڪ ڪتاب مليو، جيڪي تحفا ان هڪ لک 33 هزار 250 رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، ساڳي تاريخ تي عمران خان جي گهرواريءَ کي  نيڪليس جو باڪس، هڪ سيٽ ايئر رنگس، هڪ بريسٽليٽ مليو، جنهن جي توشا خاني ۾ ڪل قيمت 58 لک 59 هزار رپيا ڪٿي وئي، جنهن مان رڳو 29 لک 14 هزار 500 رپيا ادا ڪري عمران خان جي گهرواري اهي سمورا تحفا پاڻ سان گڏ کڻي وئي، جڏهن ته 26 جولاءِ 2021ع تي 2 جولاءِ 2021ع تي عمران خان کي مليل خانه ڪعبه جي دروازي جو ماڊل به عمران خان بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، عمران خان 17 آگسٽ 2021ع تي تحفي ۾ مليل بائول، ڪعبي جي ماڊل واري دروازي جي چاٻي به بنا ڪنهن ادائگي جي عمران خان پاڻ وٽ رکي ڇڏي، ائين 11 نومبر 2021ع تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 7 تحفا مليا، جيڪي هن رڳو هڪ لک 93 هزار رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، جڏهن ته سال 2022ع اپريل تائين وزيراعظم رهندڙ عمران خان کي 14 فيبروري 2022ع تي هڪ قيمتي گلدان مليو جيڪو ان بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، عمران جي 2022ع جي حڪومت دوران 39 تحفا مليا، جن مان 12 تحفا بنا ڪنهن ادائگي جي پاڻ وٽ رکيا ويا، موجوده وزيراعظم شهباز شريف کي وزيراعظم طور پهريون تحفو 15 اپريل 2022ع تي وزيراعظم ٿيڻ جي ٽئين ڏينهن تي هڪ ڪارپيٽ، سنڌي کيس ۽ رلهي تحفي ۾ ملي جيڪا ان توشا خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، ان کان پوءِ 21 اپريل تي شهباز شريف کي 40 هزار ماليت جو ڪارپيٽ مليو، 26 اپريل تي به کيس ڪارپيٽ مليا، ائين 10 مئي تي ديوار تي ٽنگڻ جو تحفو، هڪ رائفل، هڪ ريوالور، هڪ شارٽ گن کيس تحفي ۾ ملي، جيڪا به وزيراعظم جمع ڪرائي ڇڏي، شهباز شريف کي 12 مئي تي هڪ واچ، ڪفلنڪس، پين، منڊي ۽ تسبيح تحفي ۾ ملي، وزيراعظم کي مليل واچ جي قيمت هڪ ڪروڙ 48 لک رپيا هئي، جڏهن ته ڪفلنڪس 4 لک 13 هزار، منڊي 4 لک 74 هزار ۽ تسبيح 3 لک 99 هزار رپين جي هئي جيڪا ان جمع ڪرائي ڇڏي، شهباز شريف کي 12 مئي 2022ع تي 6 تحفا مليا، جنهن ۾ کارڪون ۽ ٻيو کائڻ جو سامان هو، شهباز شريف انهن جا هڪ  لک 45 هزار رپيا جمع ڪرائي پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، شهباز شريف12  مئي 2022ع تي 16 هزار ماليت جو مليل تحفو مفت ۾ پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، جڏهن ته ساڳي ڏينهن تي قيمتي روليڪس ماڊل جي واچ جنهن جي قيمت 14 ڪروڙ رپيا آهي اها وزيراعظم هائوس ۾ ڊسپلي ڪرائي ڇڏي، شهباز شريف کي ساڳي تاريخ تي 4 بوتلون لڪئڊ، هڪ ڪاٺي جو باڪس  تحفي ۾ مليا، جن جا هن هڪ لک 25 هزار 500 رپيا جمع ڪرائي پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، شهباز شريف کي 13 جون تي هڪ شيلڊ ملي، ان جي گهرواريءَ کي هڪ پليٽ، اسڪارف ۽ هڪ جوتي جو سيٽ مليو جيڪي ان مفت ۾ پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، وزيراعظم جي گهرواريءَ کي هار گڏ مليو، جيڪو جمع ڪرايو ويو، شهباز شريف 13 جون 2022ع تي مليل 3 تحفا جن ۾ ڊيڪوريشن پيسز، بائول، ڪوپ ساسر شامل هئي اهي  مفت ۾ پاڻ وٽ رکيا، شهباز شريف 16 جون تي مليل ڪارپيٽ، عربڪ ڪافي سان گڏ مليل 3 ڪپ بنا ڪنهن اداگي جي پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، 17 جون تي بلاول ڀٽو عربڪ ڪهوا ۽ 3 ڪپ پاڻ وٽ رکيا، شهباز شريف 25 جولاءِ 2022ع تي اسٽينڊ سان گڏ مليل شيشي جي پليٽ ، هڪ بائول به پاڻ وٽ بنا ڪنهن ادائگي جي رکيو آهي، بچاءَ جي وزير خواجا آصف کي 10 مئي تي 6 تحفا مليا، جن ۾ ڪافي، ماکي، کارڪون شامل هيون، انهن جا هڪ 25 سئو رپيا ادا ڪري اهي تحفا پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، شهباز شريف جي حڪومت کي اپريل  2022ع کان سال 2022ع دوران ڪل 187 تحفا مليا، جن مان 50 کان وڌيڪ تحفا شهباز شريف، ان جي ڪابينا جي ميمبرن ۽ ٻين پاڻ وٽ رکي ڇڏيا. جڏهن ته سال 2023ع ۾ 11 مارچ تائين موجوده ڪابينا کي 59 تحفا مليا آهن، جن مان هڪ به تحفو نه کنيو ويو آهي، ان تحفن جي جاري ڪيل تفصيلن ۾ قيمت جو تعين اڃا نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته پ پ دور ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪروڙين رپين جي ٽن گاڏين سميت 200 کان وڌيڪ تحفا کڻي ويو جن مان ڪيترن جي قيمت به ادا نه ڪئي وئي. اڳوڻي صدر آصف زرداري 5 ڪروڙ 78 لک رپين جي ماليت واري هڪ بي ايم ڊبليو 760 ايل آءِ گاڏي هڪ ڪروڙ 61 لک رپيا ادا ڪري کنئي، 5 ڪروڙ رپين جي هڪ ٽويوٽا ليڪسس ايل ايڪس 470 به خريد ڪئي، 2 ڪروڙ 73 لک رپين جي ماليت واري بي ايم ڊبليو وائيٽ گاڏي لاءِ 40 لک 99 هزار رپيا دا ڪيا، آصف زرداري طرفان گلدان، گهوڙن جا نمونا، تسبيح، پين، پستول ۽ گن به توشه خانه مان کنيون..فرحت الله بابر، شوڪت ترين به تحفا حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهن. پ پ جي حڪومت ۾ 20 اپريل 2008ع تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 42 لک 55 هزار 919 رپين جي مرسڊيز بينز گاڏي 6 لک 36 هزار 888 رپين ۾ ، بچاءُ وزير کي برڪيٽا جي رائيفل جي 80 هزار رپيا قيمت لڳائي 10 هزار 500 رپين ۾ 5 مئي 2008ع تي ڏني وئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي 23 آڪٽوبر 2008ع تي 17 تحفا ڏنا ويا جن مان هن رڳو سوني ۽ چاندي جي سڪن واري دٻلي ٽريزرر هائوس جي نالي سان ڪتاب جي قيمت هڪ هزار 80 رپيا ادا ڪيا جن جي قيمت 17 هزار 200 رپيا لڳائي وئي باقي سمورا تحفا مفت ۾ ڏنا ويا. هن 2 ڊسمبر 2008ع تي باب رحمت جو ماڊل جنهن جي قيمت 25 هزار رپيا لڳائي وئي، 2250 رپيا، 40 هزارن جو گهوڙن جو ماڊل 5 لکن جي فيراريز گهڙي ڪل 79 هزار 500 رپيا ڏئي کڻي ويو. هن 15 جنوري 2009ع تي گهوڙي جي ڳچي جو ماڊل، پسٽل، جن جي ڪل ماليت 75 هزار رپيا لڳائي وئي، 9 هزار 750 رپين ۾ کڻي ويو، 02 فيبروري 2009ع تي گهڙي، خنجر، پين، ڪف لنڪس جي جوڙي ۽ تسبيح 56 هزار 25 رپين ۾ کڻي ويو جن جي قيمت 3 لک 83 هزار رپيا لڳائي وئي هئي. ونچسٽر بندوق، چيڪ جو پسٽل، بينظير ڀٽو جو شيشي تي فوٽو جن جي ڪل قيمت لک 28 هزار رپيا لڳائي وئي 16 هزار 200 رپيا ڏئي کڻي ويو. هن چمڙي جو 3500 رپين جو بريف ڪيس مفت ۾، شيشي جي ڪٽلي 1200 رپين، چاندي جو پيالو 1875 رپين، 6 هزارن جي ڪاٺي، 3500 رپين جا چوگا، شيشي جي دٻلي، ميٽل جي ٽري، مفت ۾ کڻي ويو. جانور جو ماڊل 1500، ڪرسٽل جو ماڊل، برسلز ڪتاب، پليٽون مفت ۾ کڻي ويو. جڏهن ته هن ٻيا به تحفا کنيا. هن 2010ع ۾ صدارت دوران 100 کان وڌيڪ، 2011ع ۾ 40 کان وڌيڪ، 2012ع ۾ 7 ۽ 2013ع ۾ 2 تحفا کنيا. آصف زرداري جي ڌيءُ ۽ بلاول ڀٽو زرداري به هڪ هڪ تحفو کنيو.  فرحت الله بابر کي به ساڳي تاريخ تي ميوزڪ پليئر جو باڪس 3 هزار رپيا قيمت لڳائي مفت ۾ ڏنو ويو.   ناڻي وارو وزير شوڪت ترين 29 آڪٽوبر تي فوٽو ڪيميرا جي قيمت 9 هزار رپيا لڳرائي مفت ۾ کڻي ويو. هن گهڙي، بريسليٽ، واڳون جو ماڊل، بڪل 2 ڊسمبر 2008ع تي 11250 رپيا ڏئي کڻي ويو جنهن جي قيمت 85 هزار رپيا لڳائي وئي هئي. اڳوڻو وزيراعظم شوڪت عزيز 6 نومبر تي موڊيناس ايليگن موٽرسائيڪل کڻي ويو جنهن جي قيمت 65 هزار رپيا لڳائي وئي پر هن پئسا ادا ڪيا يا نه ڪيا اهو ذڪر نه ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف 42 لک 55 هزار رپين جي ماليت واري مرسڊيز بينز ڪار 6 لک 36 هزار رپيا ڏئي کڻي ويو، 11 لک 85 هزار رپين واري روليڪس واچ جا 2 لک 43 هزار رپيا ڀريا، سون ۽ هيرن جي هارن سوڌو ڪارپيٽ، گلدان ۽ ٻيون شيون به توشه خانه مان خريد ڪيون، نواز شريف 25 هزارن جي ماليت جا ڪف لنڪس، هڪ پين، 15 هزار ماليت جا 4 ڪويتي يادگاري سڪا به توشا خانه مان حاصل ڪيا.