نيب جو ڇاپو ،سياسي جهيڙي جو خطرو

0
187
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

عبدالغني کوسو جيڪب آبادمان لکي ٿو

جيڪب آباد ۾ 28 جون شام جو ساڍي ڇھين وڳي ملڪ جي نيب جي ٽي رڪني ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر جي سربراهي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي جيلن بابت صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ گرفتاري لاءِ مختيارڪار آفيس روڊ تي سندس بنگلي تي ڇاپو هنيو. ڇاپي جي اڳواٽ اطلاع تي صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي گھر جي ٻي دورازي کان ٻاهر نڪري فرار ٿي ويو, جڏهن ته نيب ٽيم اڍائي ڪلاڪن تائين گھر اندر موجود رهي. نيب ٽيم جي ڇاپي جي اطلاع تي پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ جکراڻي برادري جا سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا احتجاج ۽ نعريبازي ڪئي وئي جنهن بعد ٻاهر ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. بنگلي ٻاهران ميڙ جي صورت ۾ گڏ ٿيل ماڻهن نيب ۽ پي ٽي آءِ جي وفاقي وزير محمد ميان سومرو ۽ سندس ڀيڻ مليحه ملڪ خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ گارگند به ڪئي، جڏهن ته صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي گھر ٻاهران بيٺل نيب ٽيم گاڏين تي پٿراءُ به ڪيو ويو جنهن ۾ گاڏين جو پڻ نقصان ٿيو. حالتون ڇڪتاڻ واريون ٿيڻ کان پوءِ صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي ويجھي رشتيدار مجيب الرحمان جکراڻي ۽ ٻين بنگلي کان ٻاهر اچي ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ مڇريل ماڻهن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته نيب ٽيم غلطي تسليم ڪئي آهي نيب ٽيم جي عملدارن کان غلطي ۾ ڇاپو لڳو، ھاڻي ھو چاھين ٿا ته اسان کي محفوظ رستو ڏنو وڃي جيئن اسان ھليا وڃون. ھن مڇريل ماڻهن کي اپيل ڪئي ته ھتان ھليا وڃو پر مڇريل ماڻهو سخت نعريبازي ڪندا رهيا، صوبائي صلاحڪار جي رشتيدارن پاران نيب ٽيم کي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ لاءِ نيب جي گاڏين کي دروازي لڳ بيھاريو ويو، نيب عملدارن کي بنگلي کان ٻاهر ڪڍي ويھارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان دوران صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي هڪ رشتيدار نيب جي عملدار کي چماٽون وھائي ڪڍيون مڇريل ماڻهو عملدارن کي گاريون ڏيندا رهيا.
نيب ٽيم جي ڇاپي بعد پيپلزپارٽي پاران ان جو ذميوار وفاقي وزير محمد ميان سومرو ۽ ڀيڻ مليحه ملڪ کي ڪوٺيو ويو، نيب گردي خلاف وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي رھائشگاھه اڳيان قومي شاهراهه تي خيما اڏي ڌرڻو هنيو ويو. پيپلزپارٽي جي لڳل ڌرڻي دوران صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي پٽ رافع جکراڻي محمد ميان سومرو ۽ ڀيڻ مليحه ملڪ خلاف نازيبا الفاظ استعمال ڪيا. ان دوران صورتحال تڏهن ڇڪتاڻ واري ٿي وئي جڏهن ھن خطاب ۾ مليحه ملڪ کي منڊي ڪوٺيندي نيب چيئرمين سان واسطا ھئڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن بعد وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي بنگلي اندر ويٺل برادري جا ماڻهو مڇرجي پيا جيڪي بنگلي کان ٻاهر نڪري ڌرڻي طرف وڌڻ لڳا ته رينجرز ۽ پوليس اھلڪارن انهن کي روڪي ورتو. حالتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايس ايس پي شمائل رياض ملڪ، ڊي سي ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال، وفاقي وزير جي رھائشگاھه تي پھچي ويا مڇريل ماڻهن کي پيپلزپارٽي جي لڳل ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي جنهن بعد ماڻهو بنگلي اندر ھليا ويا. ايس ايس پي ۽ ڊي سي پيپلزپارٽي جي ڌرڻي واري هنڌ پهچي صوبائي صلاحڪار جي ڀاءُ خالد حسين جکراڻي ۽ ٻين سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. جڏهن ته وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي ڀيڻ مليحه ملڪ پاران جيڪب آباد ۾ 15 ورھين جي دوران اربين روپين جي ڪرپشن خلاف سپريم ڪورٽ ۽ نيب ۾ درخواستون ڏنيون ويون هيون، 28 جون تي صوبائي صلاحڪار جي گھر مٿان ڇاپي بعد جکراڻي ۽ سومرا برادري ۾ جھيڙي ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي جکراڻي ۽ سومرا برادري جا ماڻهو سوشل ميڊيا توڙي تقريرن ۾ ھڪٻئي خلاف نازيبا لفظ استعمال ڪري رهيا آهن. خدشو آهي ته اھا ھلندڙ ڇڪتاڻ قبائلي جھيڙي ۾ تبديل نه ٿي وڃي خدانخواسته جيڪڏهن ٻنهي برادرين ۾ جھيڙو ٿيو ته ان جو وڏو نقصان جيڪب آباد شھر ۽ شھرين کي ٿيندو ڇو ته ٻئي ڌريون شھر ۾ رھندڙ آھن جنھن ۾ شھرين جي جان مال جو نقصان ٿيڻ جو امڪان آهي.
جکراڻي ۽ سومرا برادري ۾ ڇڪتاڻ جي صورتحال بعد شھر واسي به ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آهن. سڃاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته پھرين ئي شھر واسي ڪورونا وبا بعد ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، شھر جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، حددخلين خلاف آپريشن به شھرين کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، خدانخواسته جيڪڏهن مٿان ھي قبائلي تڪرار پيدا ٿيو ته شھري سخت متاثر ٿيندا. ھنن سوشل ميڊيا ذريعي ٻنهي ڌرين کي صبر کان ڪم وٺڻ لاءِ اپيلون به پڻ ڪيون، وري ڪجهه حلقن جو اھو به چوڻ آهي ته نيب ھڪ بااختيار ادارو آهي جيڪو آصف علي زرداري، نواز شريف، شھباز شريف، مراد علي شاهه سميت ٻين خلاف جاچ ڪري رهيو آهي، جيڪب آباد ۾ نيب جي ڇاپي سان وفاقي وزير محمد ميان سومرو جو ڪوبه تعلق ناهي، صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي کي نيب سان ٽڪراءُ بدران قانوني طريقي سان منهن ڏيڻ گهرجي ڇو ته ملڪ جي ادارن کان ڪير به مٿانهون نه ٿو ٿي سگهي، ٽڪراءُ جي نتيجي ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي کي ئي نقصان ٿيندو. ھوڏانھن صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي گھر مٿان ڇاپي دوران نيب ٽيم تي تشدد جي واقعي جو نيب چيئرمين جسٽس ر جاويد اقبال نوٽيس ورتو آهي ڊي جي نيب سکر کي جاچ جي ھدايت ڪئي وئي، نيب جي پريس رليز ۾ ڄاڻايو ويو ته نيب ڪنهن خلاف بغير ڪنهن سبب جي ڪارروائي ناهي ڪندو جيڪب آباد ۾ نيب ٽيم کي ڪارروائي دوران يرغمال بڻائي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، گاڏين کي نقصان پهچايو ويو، ايس ايس پي جيڪب آباد نيب ٽيم سان تعاون ناهي ڪيو. جڏهن ته ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڊي جي سکر جي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ايس ايس پي جيڪب آباد خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ آءِ جي سنڌ کي سفارش ڪئي ويندي. جڏهن ته جيڪب آباد ۾ نيب ٽيم کي يرغمال بڻائي تشدد، موتمار ڌمڪين، گاڏين کي نقصان پهچائڻ ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت خلاف نيب جي انسپيڪٽر پاران جيڪب آباد پوليس کي ھڪ درخواست ڏني وئي آهي ته صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي، سندس پٽ رافع جکراڻي ۽ ٻين خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو وڃي، پر ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته آءِ جي سنڌ جي اجازت بغير ڪيس داخل نه ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ پوليس ۽ نيب ۾ ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اڳ ۾ به نيب ايس ايس پي پاران سھڪار نه ڪرڻ جي حوالي سان پريس رليز جاري ڪئي هئي مٿان وري ڪيس داخل نه ڪرڻ بعد ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ ڌر بڻجي سامھون اچي رهيو آهي. ھاڻي ڏسجي ته نيب ۽ سنڌ پوليس جي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ سوڀارو ڪير ٿو ٿئي ۽ ان سڄي معاملي کي صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي ڪيئن ٿو منهن ڏئي.