نوشهرو فيروز ۾ عدالتي ڇاپي ۾ بازياب ٿيل جوابدار عدالت مان فرار: ايس ايچ او معطل

0
328

نوشهرو فيروز ۾ اي ايس آءِ جي اوطاق تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرايل جوابدار عدالت ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد فرار ٿي ويو آهي

گذريل ڏينهن اي ايس آءِ جي اوطاق تي عدالتي ڇاپو هڻي 6 باندي بازياب ڪرايا ويا هئا

 ايس ايڇ او جي نگرانيءَ ۾ نجي ٽارچر هلڻ تي عدالت ايس ايڇ او راجا نويد سرفراز سميت سڄي پوليس پارٽي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

عدالت پوليس پارٽي مٿان 50 هزار ڏنڊ به لڳايو ۽ ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد کي حڪم ڏنو ته ايس ايڇ او کي ترت معطل ڪري رپورٽ عدالت کي موڪلي وڃي

عدالت ڇاپي ۾ بازياب ٿيل نويد ڪلھوڙو مٿان مختلف ڏوھن جا ڪيس ھجڻ سبب ان جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

فريادي طالب حسين جي وڪيل لا لا ايم حسن جي دليلن بعد جوابدار جي ضمانت رد ڪئي وئي، جنھن بعد جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويو، پوليس سندس پويان ويل آھي