گهوٽڪي ڀرسان هٿياربندن جو حملو، 2 ڄڻا قتل، هڪ ڄڻو اغوا

0
345
گهوٽڪي ڀرسان هٿياربندن جو حملو، 2 ڄڻا قتل، هڪ ڄڻو اغوا
گهوٽڪي ڀرسان هٿياربندن جو حملو، 2 ڄڻا قتل، هڪ ڄڻو اغوا

گهوٽڪي ڀرسان 2ڄڻا قتل ٿيڻ واري واقعي ۾ هڪ ڄڻي جي اغوا جي به تصديق ڪئي وئي آهي

گهوٽڪي ڀرسان ڪار تي فائرنگ دوران 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، واقعي دوران هڪ  ڄڻو اغوا ٿيڻ جي به تصديق ڪئي وئي آهي

مقتولن ۽ مغوي جي وارثن جو چوڻ آهي ته مهراڻ مهر، سعيد لغاري ۽ جلال مهر ڪار خريد ڪرڻ لاءِ سکر وڃي رهيا هئا ته مٿن حملو ٿيو

شوڪت مهر موجب  فائرنگ ۾ مهراڻ مهر ۽ سعيد لغاري مارجي ويا، هٿياربندن جلال مهر کي اغوا ڪري ويا آهن

وارثن موجب مقتول مهراڻ ۽ مغوي جلال  مهر پاڻ ۾ سئوٽ آهن، نوٽيس وٺي  مغوي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ پوليس جو مبينا مقابلو، هڪ ڏوهاري مارجي ويو