نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز شھر ۾ چورين جو آزار وڌڻ خلاف دڪاندارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ بدامني خلاف نعره ھڻي رھيا ھئا. ان موقعي تي دوڪاندارن محمود مشوري ۽ سيد غفار شاھ ٻڌايو ته نامعلوم چور گذريل رات پڊعيدن روڊ تي واقع اسان جي دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين رپين جي چوري ڪري ويا آهن. جڏھن ته ان کان اڳ به چور ڪمپيوٽر، ڪرسيون ۽ ليٽر چوري ڪري چڪا آهن. ھنن چيو ته شھر ۾ چورين جون وارداتون وڌي رھيون آھن جنھن ڪري دڪاندار توڙي شھري عدم تحفظ جو شڪار آھن. ھنن چيو ته چورن خلاف ڪارروائي ڪري دڪاندارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.