سوڀوديرو (ن پ ا) سوڀوديرو اسپتال جي ايم ايس پاران پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي رپورٽر فضل منگي کان موبائل ڦر ۽ يرغمال بڻائڻ وارو مامرو، خبر پنھنجي اخبار ۾ شايع ٿيڻ کان پوءِ اعليٰ عملدارن جي نوٽيس تي ايم ايس محمد عظيم عباسي اسپتال عملي سان گڏ پريس ڪلب سوڀوديرو پھچي صحافي اتحاد خيرپور اڳواڻ جمال محمود کھڙو، شمن راڄپر، گلاب سيال، فياض سولنگي، مظھر مڱڻيجو، زاھد سامٽيو ۽ ٻين صحافين جي موجودگي ۾ پنھنجي غلطي مڃيندي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي رپورٽر فضل محمد منگي کان معذرت ڪئي، پريس ڪلب تي ڪھي اچڻ ۽ تڏي کي مان ڏيندي کيس معاف ڪري ڇڏيو. صحافين کين ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيو.