مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي ۾ وياج جو ڪاروبار عروج تي پهچڻ ۽ وياجين جي ظلم جو شڪار ۽ سول سوسائٽي جي سيد انوارالحسنين حيدر شاهه، وحيد سومرو ۽ رانا عمران راجپوت جي اڳواڻي ۾ مٺياڻي جي لال مسجد کان ريلي ڪڍي وئي جيڪي مختلف رستن کان ٿيندي مٺياڻي پريس ڪلب پهچي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته مٺياڻي شهر ۾ وياج جو ڪڌو ڪاروبار عروج تي پهچي ويو آهي وياجي سرعام شهر ۾ وياج جا دڪان کولي ويٺا آهن انتظاميا خبر هوندي به بيخبر بڻيل آهي جنهن ڪري غريب مسڪين ماڻهو مشڪل وقت اچڻ تي هنن جي ور چڙهي وڃن ٿا جنهن کان پوءِ وياجي هنن کان چيڪ يا گهرن جا ڪاغذات گروي ڪري هنن کي پيسا ڏين ٿا، ورتل پيسا واپس ٿيڻ کان پوءِ وياجي انهن کان ورتل چيڪ ۽ گهرن جا ڪاغذ ۽ زمين جا ڪاغذ واپس ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. وياجين جي اهڙي ظلم خلاف هنن ايس پي نوشهرو فيروز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي وياج خورن خلاف ڪارروائي ڪري ڪڌو ڪاروبار بند ڪرايو وڃي.