حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نوري آباد وٽ 36 ڏينهن اڳ ڄڃ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪاشف ولد صابر فوت ٿي ويو. 31 مارچ تي حيدرآباد مان ڪراچي ويندڙ ڄڃ کي حادثو پيش آيو هو جنهن جي نتيجي ۾ ڇوٽڪي گهٽي سان تعلق رکندڙ گهوٽ جنيد قاضي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس 4 دوست زخمي ٿي پيا هئا. زخمين ۾ 35 سالن جو ڪاشف ولد صابر به شامل هو. ڪاشف ڪجهه ڏينهن سول اسپتال ۾ داخل رهيو. کيس آءِ سي يو به منتقل ڪيو ويو هو جتان بعد ۾ هن جو هڪ خانگي اسپتال ۾ علاج هلندڙ هو. هو 3 ڏينهن اڳ گهر منتقل ٿيو جتي سندس طبعيت خراب ٿي ۽ هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪاشف بنيادي طور اليڪٽريشن هو ۽ کيس 2 معصوم ٻار آهن.