نيويارڪ(دلچسپ نيوز) نوجوان پنهنجي مٿي واري حصي کي گهمائڻ جو ماهر، وڊيو ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي هڪ نوجوان جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن کي ڏسي صارفين حيران آهن، وڊيو ۾ نوجوان کي پنهنجو مٿو هٿ ۾ جهلي پٺيان گهمائيندي ڏسي سگهجي ٿو، نوجوان پنهنجو مٿو 180 ڊگري تائين گهمائي ۽ وري ان کي واپس پنهنجي جاءِ تي آڻي ٿو، وڊيو کي 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو ڏسي چڪا آهن جڏهن ته ان کي تيزي سان لائيڪس پڻ ملي رهيا آهن، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين ان تي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن، ڪجهه صارفين جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ مشڪل سان ڪوماڻهو پنهنجو مٿو ائين گهمائي سگهي ٿو. ٻئي طرف طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته نوجوان جي ڳچي ۾ هڪ قسم جو ٽشوز آرڊر موجود آهي، ان ٽشوز آرڊر ذريعي نوجوان پنهنجو مٿو پٺيان گهمائي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته ان ٽشوز سبب سندس ڳچي ۾ لچڪ پيدا ٿي وڃي ٿي.