سڊني(دلچسپ نيوز) ڊائنو سار جي 9 ڪروڙ 60 لک سال پراڻي باقيات هٿ، ماهر حيرت ۾ پئجي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آسٽريليا جي ڏکڻ اولهه واري علائقي ڪوئنزلينڊ ۾ ماهرن کي دنيا جي سڀ کان قديم ڊائنو سار جي باقيات هٿ آئي. هٿ آيل ان قديم ڊائنو سار جي ڊيگهه 25 کان 30 ميٽر، وزن 67 ٽن جڏهن ته زمين کان پڇ وارو فاصلو 5 کان ساڍا 6 ميٽر رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سائنسدانن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته هٿ آيل قديمي ڊائنو سار جي خاندان جو اهو نئون قسم آهي، جنهن کي ڪوپر جو نالو پڻ ڏنو ويو آهي. سائنسدانن موجب اهو ڊائنو سار دنيا جي سڀ کان وڏي ڊائنو سار پيٽاگوٽيٽان جو رشتيدار آهي، جيڪو ڏکڻ آمريڪا ۾ هٿ آيو هو. ڪوپر 9 ڪروڙ 60 لک سال اڳ هن علائقي ۾ رهندو هو. سائنسدانن هٿ آيل باقيات کي ليباريٽري منتقل ڪري ڇڏيو آهي جٿي ان تي وڌيڪ تحقيق ڪئي پئي وڃي.