لنڊن: (دلچسپ نيوز) عالمي سطح تي مشهور ميسجنگ ايپ واٽس ايپ هن وقت هڪ مخصوص فيچر فليش ڪال تي ڪم ڪtري رهيو آهي جيڪو صارفين جي اڪائونٽ تي جلد لاگ ان ٿيڻ جي سهوليت فراهم ڪندو.في الحال واٽس ايپ تي لاگ ان ٿيڻ جي خواهشمند صارفين کي ان جي نمبر تي ڪمپني طرفان تصديق جي لاءِ 6 انگن جو ڪوڊ اماڻيو ويندو آهي. پر هاڻ ڪمپني ان تصديق جي لاءِ فليش ڪال فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي. ان فيچر کان پوءِ صارفين کي 6 اکرن جي ڪوڊ ذريعي وڃڻ واري تصديق جي ضرورت نه پوندي.