نواز ليگ پنجاب مان قومي اسيمبلي جون 120 کان 125 سيٽون حاصل ڪندي: راڻا ثناءُ الله

0
158
نواز ليگ پنجاب مان قومي اسيمبلي جون 120 کان 125 سيٽون حاصل ڪندي: راڻا ثناءُ الله
نواز ليگ پنجاب مان قومي اسيمبلي جون 120 کان 125 سيٽون حاصل ڪندي: راڻا ثناءُ الله

لاهور: نون ليگ جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مسلم ليگ نون پنجاب مان قومي اسيمبلي جون 120 کان 125 سيٽون حاصل ڪندي، اسان پنهنجي پارٽيءَ جي سادي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، اها وقت جي به گهرج آهي ۽ پاڪستان جي ضرورت به آهي

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته بلاول تنقيد ته ڪري ٿو پر ڪو حل پيش نه ٿو ڪري

هن چيو ته 2018 ۾ اسان سان جيڪي ڪجهه ٿيو اهو هاڻي نه پيو ٿئي ته توهان کي خراب ڇو ٿو لڳي؟ اسان کٽڻ واري پوزيشن ۾ آهيون، اسان کي سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو آهي

راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ حاصل هجي ها ته پوءِ هيل تائين اسان تي ڪيس داخل ڇو هجن ها، اليڪٽيبل هئڻ ڪا گار يا برائي نه آهي، ڪوڙا ڪيس ختم ٿيڻ جو مطلب اهو نه آهي ته اسان لاڏلا ٿي وياسين