اسان ڪنهن به آءِ جَي آءِ جو حصو نه بڻجنداسين: بلاول

0
96

پشاور: بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان ڪنهن به آءِ جَي آءِ جو حصو نه بڻجنداسين، تير جي نشان تي اليڪشن وڙهنداسين ۽ اليڪشن کٽنداسين

بلاول چيو ته هاڻي به جيڪڏهن ڪير ٻئي ڪنهن کي وزيراعظم بڻائڻ چاهي ٿو ته اسان مقابلو ڪنداسين، هڪ جماعت مهانگائي ليگ بڻجي چڪي آهي، ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا لڳائيندڙن جو چهرو وائکو ٿي چڪو آهي

پشاور ۾ پيپلزپارٽي جي ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته پيپلزپارٽي کي 1988 ۽ 2008 ۾ به ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي هئي

هن چيو ته جنگ جو ميدان سجڻ وارو آهي، اليڪشن جو ميدان سجڻ وارو آهي، عوام پراڻن سياستدانن مان بيزار ٿي چڪو آهي، 70 سالن جي عمر سياست ڪرڻ جي نه آهي، نوجوان نه ٿا چاهين ته 70 سالن جي عمر جو ماڻهو سياست ڪري، اسان نئين سياست آڻينداسين