سنڌ جي نگران حڪومت پاران فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل روڪڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جي ترديد

0
98
سنڌ جي نگران حڪومت پاران فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل روڪڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جي ترديد

سنڌ جي نگران وڏي وزير فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل روڪڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ جي فيصلي خلاف ڪا به اپيل داخل نه ڪرائي آهي

سي ايم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اهو تاثر بي بنياد آهي ته سنڌ حڪومت ملٽري ڪورٽس ۾ سولينز جي ٽرائل لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي آهي

ٽائيم نيوز سنڌ سرڪار پاران عدالتي فيصلي کي چئلينج ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل اپيل جي ڪاپي هٿ ڪري ورتي

چيف سيڪريٽري سنڌ جي نالي سان تيار ڪيل اپيل ۾ سپريم ڪورٽ جو 23 آڪٽوبر وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي

ذريعن موجب سنڌ سرڪار پاران تيار ڪيل انٽراڪورٽ اپيل نگران وڏي وزير جي مخالفت سبب آخري وقت تي واپس ورتي وئي

وفاقي سرڪار، ڪي پي ۽ بلوچستان جون نگران حڪومتون فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل روڪڻ واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري چڪيون آهن