آمريڪي سفير جون نواز، ترين، گيلاني ۽ ٻين سياستدانن سان ملاقاتون

0
104
آمريڪي سفير جون نواز، ترين، گيلاني ۽ ٻين سياستدانن سان ملاقاتون
آمريڪي سفير جون نواز، ترين، گيلاني ۽ ٻين سياستدانن سان ملاقاتون

آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم نوازشريف، جهانگير ترين، يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين سياستدانن سان ملاقاتون ڪيون آهن

پاڪ آمريڪا لاڳاپن، ملڪ جي اقتصادي ۽ سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي

پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جاتي امراء پهچي نوازشريف سان ملاقات ڪئي

 نون ليگ جي پڌرائي موجب نوازشريف ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مسلم ليگ نون کي ووٽ ڏيندو

ن ليگ جي پڌرائي موجب نوازشريف ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڀريو

ڊونلڊ بلوم ملتان ۾ گيلاني هائوس پهچي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان به ملاقات ڪئي

آمريڪي سفير رفيق ڀروانا ۽ دوست محمد کوسه سان به ملاقات ڪئي

يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته آمريڪي سفير عام چونڊن جي منظرنامي بابت به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي

يوسف رضا گيلاني چيو ته سياسي استحڪام سان ئي معاشي استحڪام آڻي سگهجي ٿو

 آمريڪي سفير استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ جهانگير ترين سان به سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، سياسي صورتحال ۽ چونڊن بابت ڳالهيون ڪيون ويون