اسلام آباد: سينيٽ ۾ نواز ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي صحافي اسد طور مٿان ٿيل حملي تي ڳالهائيندي چيو ته پهريان حامد مير، مطيع الله جان، ابصار عالم، عمر چيما، احمد نوراني تي حملا ٿيا ۽ هاڻي اسد طور تي حملو ٿيو آهي، صحافين تي حملن وارا واقعا صرف وفاقي گادي واري شهر ۾ ڇو ٿا ٿين؟، مون کي پنهنجي گهر مان کنڀيو ويو، هن ايوان کي گهرجي ته ان مامري تي ڪاميٽي جوڙي. اجلاس ۾ نواز ليگ جي سينيٽر پير صابر شاهه ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ نشي آور شين جو استعمال وڌي ويو آهي، افسوس آهي جو اسلام آباد ۾ موجود پارليامينٽ لاجز ۾ منشيات جو سڀ کان گهڻو استعمال ٿي رهيو آهي، ان مامري تي ڪو به پڇاڻو ناهي، چيئرمين سينيٽ جواب ڏيندي چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ منشيات جي واهپي واري مامري جي جاچ ڪرائينداسين.