ڪراچي (نمائندن وٽان ) سنڌ ۾ 8.8 سيڪڙو تي پهتل ڪورونا شرح گهٽجي 5.9 سيڪڙو تي پهچي وئي، سنڌ سرڪار پاران 6 جون تائين پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو ، صوبي ۾ ڪورونا ويڪسينيشن لاءِ 380 موبائل ٽيمون جوڙڻ، 30 سالن وارن نوجوانن توڙي تعيلم کاتي جي ملازمن لاءِ واڪ ان ويڪسينيشن جي سهولت شروع ڪرڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ ڪالهه ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 75 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته2726 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا شرح 4.34 سيڪڙو تي پهچي وئي، ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ گهٽجي 59018 تي پهچي ويو، هوڏانهن سنڌ ۾ڪورونا22 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 1099 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 23750 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 22759 گھرن، 22 آئسوليشن سينٽرن ۽ 969 مريض مختلف اسپتالن ۾ آهن. 909 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته 71 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾561، حيدرآباد ۾ 90، ڄامشوري ۾ 45، جيڪب آباد ۾ 28، شهيد بينظير آباد ۾ 23، خيرپور ۽ سکر ۾ 21_21، نوشهري فيروز ۾ 19، دادو ۾ 17، گھوٽڪي ۾ 16، مٽياري ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ 15_15، ميرپورخاص ۽ ٺٽي ۾ 14_14، عمرڪوٽ ۾ 13، ڪشمور ۾ 11، ٽنڊي الهيار ۾ 9، شڪارپور ۾ 8، سانگھڙ ۾ 7، بدين ۽ لاڙڪاڻي ۾ 5_5، ٿرپارڪر ۾ 2 ۽ قمبر ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. ٻئي پاسي لمس حيدرآباد ۾ داخل عمرڪوٽ واسڻ 70 سالن جي بچي زال ميوو خان ۽ کپري ڪاليج جو اڳوڻو ملازم 65 سالن جو صابر حسين ولد نيڪ محمد بوزدار فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪورونا شرح 8 سيڪڙو رڪارڊ ٿي. هوڏانهن ڪرمپور جو رهواسي نيڪ مرد سڄڻ سومرو ڪورونا وگهي ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. ٻئي طرف وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ 2 هفتن کان داخل ڪاسميٽڪ سرجن محمد احمد فوت ٿي ويو، هوڏانهن ڪالهه وزيراعليٰ مراد شاهه جي صدارت ۾ ٿيل ڪورونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 20 مئي تي سنڌ ۾ ڪورونا جي شرح 8.8 سيڪڙو هئي ، جيڪا گهٽجي 5.9 سيڪڙو تي پهتي آهي، ساڳئي ريت ڪراچي ۾ ڪورونا جي شرح 12.86 مان 8.34 ۽ حيدرآباد ۾ 11 مان 4.42 سيڪڙو تي پهتي، سنڌ جي باقي22 ضلعن ۾ ڪورونا جي شرح 3.3 سيڪڙو رهي، اجلاس ۾ ڪورونا تي ضابطي لاءِ پابندين کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ٻئي طرف سنڌ جي چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه سان اين سي او سي جي وفد ميجر جنرل آصف گورايا جي اڳواڻي ۾ گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسينيشن جو دائرو وڌائڻ لاءِ 380 موبائل ٽيمون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهي ٽيمون موبائل گاڏين ۾ پرڳڻي جي ڏورانهن علائقن ڏانهن ۾ وڃي ويڪسين ڪنديون، گڏجاڻي ۾ ڪورونا ويڪسين لاءِ پي پي ايچ آءِ ۽ خانگي اسپتالن کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ 30 سالن کان مٿي ڄمار وارن شهرين ۽ تعيلم کاتي جي ملازمن لاءِ واڪ ان ويڪسينيشن جي سهولت شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو