ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري حليم شيخ کي ايڪسائيز کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي چارج سونپي آهي، واضح رهي ته ايڪسائيز کاتي جو سيڪريٽري رحيم شيخ موڪل تي روانو ٿي ويو آهي، هوڏانهن صحت کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري محمد علي شيخ کي بدلي ڪري ناڻي کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.