اسلام آباد (م ڊ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته برٽش ڪائونسل کي او ليول امتحانن لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏيو آهي، او ليول امتحان 26 جولاءِ کان 6 آگسٽ تائين وٺي سگهن ٿا. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ شفقت محمود چيو ته اهو فيصلو او ليول جي شاگردن کي اي ليول ۽ ايف اي/ايف ايس سي ۾ سهولت ڏيندو، جولاءِ ۾ امتحان ٿيڻ سٺو قدم آهي، خوش آهيان ته ڪيمبرج انتظام ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وبائي مرضن هر شعبي خاص طور تعليم ۾ وڏيون ڏکيائيون پيدا ڪيون آهن، تعليم جاري رکڻ لاءِ اسان ڏکيا فيصلا ڪندا رهيا آهيون، هر فيصلي جا فائدا ۽ نقصان هوندا آهن، شاگردن جي ڀلائي سڀ کان وڌيڪ اهم آهي.