اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف جي سعودي عرب جي دوري جي شيڊول ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، نواز شريف 11 اپريل بدران 8 اپريل تي لنڊن کان سعودي عرب روانو ٿيندو، سينيئر نائب صدر مسلم ليگ (ن) مريم نواز، ميان نواز شريف جي سعودي عرب پهچڻ کان پوءِ ايندڙ هفتي سعودي عرب رواني ٿيندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف به رمضان جي آخري ڏهاڪي جي شروع ۾ سعودي عرب پهچندو، دوري دوران نواز شريف جي سعودي عرب جي شاهي خاندان سان اهم ملاقات به ٿيندي.