لاڙڪاڻو( رپورٽ نادر ابڙو ) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن وقت سپريم ڪورٽ جو پنهنجو ٽرائل هلي رهيو آهي جيڪڏهن سپريم ڪورٽ لارجر بينچ نه ٿو ٺاهي ته پوءِ هي ٽن ججن جو جيڪو فيصلو هوندو ان سان اهڙو آئيني بحران پيدا ٿيندو جنھن سان ايمرجسي يا مارشلا جو خدشو آهي ڇاڪاڻ تھ جنهن طريقي سان هي تخت لاهور جي جنگ ۾ انا تي لهي آيو آهي جيڪڏهن لارجر بيچ نه ٺهي ته تاريخ چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي ياد رکندي ته هن ٽن ججن کي ويهاري پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريت جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو هاڻي به وقت آهي سڀ هوش کان ڪم وٺن هي اسان سڀني جو پاڪستان آهي اسان سڀني جو ڪردار اهڙو هجڻ گهرجي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي عوام جي ڀلائي ٿئي ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جا معزز جج صاحبان لارجر بيچ ٺاهي ان اهم سوال جو جواب ڏين. لاڙڪاڻي ۾ ڪراچي پوليس آفيس ۾ دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائيندي شهادت ماڻيندڙ اهلڪار غلام عباس لغاري جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن وقت جيڪو ڪجهه عدليه ۾ ٿي رهيو آهي اهو سڄو ملڪ ۽ قوم جي سامهون آهي، مان سمجهان ٿو ته ماضي جيان عدليه جي ٽنهي ججن کي سوچڻ گهرجي ته ڇا ٿي رهيو آهي؟ هينئر چونڊن جو سوال ئي ناهي ۽ هي عام ٽرائل نه پر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو پنهنجو ٽرائل هلي رهيو آهي هو پنهنجي ڪردار سان ثابت ڪن ته ڇا هي پاڪستان جي عدالت آهي يا انصاف ڪندڙ ۽ آئين جي تحفظ ڪندڙ ادارو آهي يا هو ٽائيگر فورس بڻجڻ چاهن ٿا، هن وقت سينيئر ججن طرفان اعليٰ عدليه مٿان جيڪا تنقيد ٿي رهي آهي اها تاريخي تنقيد ۽ هڪڙي قسم جو عدم اعتماد آهي، ڇا ڪڏهن ائين ٿيو آهي جو 9 ميمبرن جي بينچ کي احتجاج ڪندي اٿندي اٿندي 3 جج رهجي ويا هجن انهن مان هڪ جج جنهن اِهو فيصلو ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ غيرآئيني طريقي سان پي ڊي ايم کان پنجاب حڪومت وئي، ٻيو جج جنهن پهريان پنهنجي جڊيشل نوٽ جي ذريعي چيف جسٽس کي کيڏايو ته پنجاب اسيمبلي تي پاڻمرادو نوٽيس ٺهي ٿو جيڪڏهن توهان پنهنجو ذهن ڏيکاريندا آهيو ته پوءِ اهو مناسب ناهي ته توهان ان ئي بينچ ۾ ويهو، مزي جي ڳالهه آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ٻن صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ بابت هلندڙ پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جي گذريل ٻڌڻي ۾ اسان ان جج مٿان اعتراض ڪيو هو ۽ ان وقت اهو جج اٿي چڪو هو ۽ جڏهن اهو ئي ڪيس هلي رهيو آهي ته ساڳيو ئي جج جسٽس اعجاز الاحسن ڪيئن وري بينچ جو حصو آهي؟ لارجر بيچ ٺاهي وڃي ان ۾ سمورا جج ويهن فيصلو ٻڌائن اهو فيصلو اسان کي قبول آهي پر سپريم ڪورٽ جو ماضي به اسان جي سامهون آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ دير ڪرڻ سان پاڪستان پيپلز پارٽي تي ڪو فرق نه ٿو پوي خان صاحب جو مقابلو ڪري شڪست ڏياري سگهون ٿا، پاڪستان پيپلز پارٽي شاهه محمود قريشي جو مقابلو ڪري کيس شڪست ڏني ۽ ملير ۾ خان صاحب پاڻ چونڊ وڙهي رهيو هو پيپلز پارٽي مقابلو ڪري چونڊن ۾ کيس شڪست ڏني ۽ ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ به انهن کي شڪست ڏني ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي جو ميئر ٿي رهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ملڪ سان مذاق نه ٿيڻ گهرجي تنهنڪري اسان سمجهون ٿا ته چونڊون وقت سِر، پرامن، ليول پليئنگ فيلڊ، شفاف ۽ جمهوري نموني سان ٿين ۽ چونڊن بابت اسان جي اتحادين جا اعتراض به وزن وارا آهن ۽ ٽن ججن واري بينچ بابت انهن جو ساڳيو خيال آهي، مان سمجهان ٿو ته هن وقت پاڪستان جي سياست يرغمال ٿي چڪي آهي، هي وقت چونڊن لاءِ موزون ناهي، هن وقت سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آهي ۽ متاثرن مدد جي انتظار ۾ آهن جيڪڏهن انهن جو پيسو تخت لاهور جي جنگ تي لڳايو ويندو ته پوءِ اسين ان تي وڙهي احتجاج به ڪنداسين. هن چيو ته اسان اڳ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار بابت نه ٻڌندا هئاسين پر هاڻي ٻڌون ٿا ته سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار سپر ايمپيريئر آهي ۽ هو هڪ نوٽيفڪيشن جي تحت ٽي ميمبر ججن جي فيصلي کي به اڏائي سگهي ٿو، مان سمجهان هو ته جڏهن آمريت سپريم ڪورٽ مان نظر اچي رهي آهي ۽ جج پاڻ چئي رهيا آهن ته اسان جو ون مين شو آهي ته پوءِ ان کان اڳ ٻيو ڪو قدم کڻي بهتر ٿيندو ته چيف جسٽس ۽ جج پاڻ لارجر بينچ ٺاهي فيصلي ۾ شفافيت هوندي ته پوءِ اسان سڀئي ان جي فيصلي کي مڃي ۽ عمل به ڪنداسين. هن وقت هر آمر جو اولاد توڙي جنهن جو ماضي ۽ مستقبل غير جمهوري آهي اهو پي ٽي آءِ ۾ شامل آهي ۽ پيپلز پارٽي اڄ به آئين جو دفاع ڪري رهي آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻو شهيدن جي سرزمين آهي اڄ اسان ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ شهادٽ ماڻيندڙ شهيد جي گهر آيا آهيون، دهشتگردن جي حملي ۾ اسان جي پوليس، پاڪ فوج، ۽ پاڪستاني عوام شهيد ٿيندا رهيا ۽ اسان ڄاُن ٿا ته اهو ڇو ٿي رهيو آهي اهو ان ڪري جو مقابلو ڪري دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ پاڪستان کٽي چڪو هو ان وچ ۾ هڪ اهڙو نالائق ۽ سليڪٽيڊ وزيراعظم مسلط ڪيو ويو جنهن پاڻ فيصلو ڪيو ته جيڪي دهشتگرد پڪڙيل آهن انهن کي جيل مان آزاد ڪرڻو آهي ۽ جيلي فرار ٿي افغانستان ويا آهن انهن کي ٻيهر قبائلي علائقن م شفت ڪرڻو آهي ۽ اهڙن فيصلن جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيو آهي. پوليس، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مٿان 100 سيڪڙو اسان کي ڀروسو آهي ۽ اڳ به انهن دهشگردن کي شڪست ڏني ۽ ٻيهر انهن کي شڪست ڏينداسين. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي پوليس آفيس ۾ آپريشن دوران شهيد ٿيل اهلڪار غلام عباس لغاري جي وارثن سان تعزيت ڪري دعا پڻ گهري. ان موقعي تي آصفه ڀٽو زرداري، پ پ سنڌ جو صدر سينيٽر نثار کهڙو، جميل احمد سومرو، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي سهيل انور سيال ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.