نواز شريف،اقتدار ۽ تاريخ

0
330
سنڌ جو پاڻي ۽ درد “ نيٺ ڇا ڪجي”؟

ن ليگ جا اندروني اختلاف آهستي آهستي اظهار ٿيندي ايتري واضح صورت اختيار ڪري چڪا آهن جو هاڻي ن ليگ جي موجوده صدر ،نواز شريف جي ٽيلينٽيڊ ڀاءُ شهباز شريف اها لب ڪشائي ڪئي آهي جيڪا هن جي اندر ۾ گھڻي عرصي کان کٽڪي پئي. هن صاف لفظن ۾ چيو آهي ته “ 2018ع جي اليڪشن ۾ پارٽيءَ کان تمام گھڻيون غلطيون ٿيون آهن جيڪڏهن اهي غلطيون نه ٿين ها ته ن ليگ اليڪشن کٽي ها ۽ نواز شريف وزير اعظم به ٿي پئي سگھيو.” اهو بيان اچڻ کان پوءِ ن ليگ جي قائد نواز شريف فورن جواب ڏيندي ايترو ئي چٽو موقف ورجايو ته “ اسان لاءِ ڪجھه سيٽون هارائڻ يا کٽڻ اهميت نٿيون رکن اسان ملڪ جي تاريخ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪريون پيا ته جيئن اليڪشن ۾ مداخلت ختم ٿئي ۽ ووٽ جي عزت بحال ٿئي اقتدار اسان لاءِ ڪا به وڏي معنيٰ نٿو رکي”. نواز شريف پنهنجي هر دورِ اقتدار ۾ انهن سان ئي الجھندو رهيو آهي جيڪي هن جي اختيارن ۾ سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح مداخلت ڪندا رهيا آهن هو پنهنجي اقتدار ۾ مڪمل اختيار چاهيندو آهي انهيءَ جو هڪ سبب هي آهي ته هو سياسي طاقت بڻجڻ کان پوءِ پاڻ کي ڪنهن به ٻئي طاقت جو ڳيجھو نٿو سمجھي. هو سمجھي ٿو ته اهي مداخلت ڪندڙ قوتون جيستائين پنهنجن پنهنجن دائرن ۾ نه رهنديون تيستائين جمهوري اقتدار يعني ٻين لفظن ۾ ته جمهوريت ڪنهن به قسم جا نتيجا ڏيڻ ۾ اهل نه هوندي. گذريل دورن ۾ هن سياست جي طاقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ جيڪي به سودا ڪيا يا جن سان به واعدا ڪيا انهن ۾ هي نه بيٺو يا اهي نه بيٺا اها اندر جي ڪهاڻي جيڪا گھڻي ڀاڱي ظاهر ٿي چڪي آ انهيءَ تي بحث ڪرڻ جي يا ان کي مڪمل اظهار ڪرڻ جي گنجائش هن مضمون ۾ نٿي ٿي سگھي پر هي هڪ پهلو جيڪو صاف ۽ چٽو اختلافن کان پوءِ نظر ايندو رهيو آهي ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ نواز شريف ايترو چٽو ٿي ڪري ٽڪراءُ جي صورت اختيار ڪئي آهي جيتري ڪڏهن به ماضيءَ ۾ هن نه ڪئي هئي.
جڏهن جنرل مشرف جي مارشلائي ايڪشن کان متاثر ٿي جيل کان جلاوطنيءَ تائين وقت گذاريو تڏهن به هن کليل طريقي سان ٻاهر رهڻ جي باوجود جنرل مشرف تي تنقيد نه ڪئي هئي. ججن جي بحاليءَ جي تحريڪ ۾ يعني خاص ڪري چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ وقت به هن ڪو چٽو موقف نه رکيو هو، شايد سعودي بادشاھه جي ضمانت هن کي پابند رکندي مجبور ڪيو هو ته هو گھڻو ڪجھه نه ڪڇي ظاهر آهي.
بادشاهن جي ضمانت انفرادي بنيادن تي هوندي آهي نه ڪي عوامي ۽ جمهوري اصولن جي لاءِ ليڪن پارٽيءَ جي اندر اهو ڌڙو جيڪو اقتدار جي چشمن کان سواءِ ڏکيو ٿو گذاري ان هر وقت نواز شريف تي اهي اعتراض رکندي تنقيد ڪندو رهيو آهي ته هي شخص تمام گھڻو انا پرست مغرور ۽ تڪبر وارو رهيو آهي ۽ رهندو اچي ٿو. هن جي پارٽيءَ جي هڪ سينئر اڳواڻ ذوالفقار کوسو جنهن صاف لفظن ۾ چيو هو ته “ هن کي يعني نواز شريف کي ڪنڌ ۾ ڪلي لڳل آ هي ڪڏهن به نه سڌرندو” ق ليگ جي چوڌري ڀائرن هن تي ڪرپشن ۽ تڪبر جا الزام هنيا، انهيءَ کان پوءِ ن ليگ سان اختلاف رکندڙ اهو ڪهڙو فرد هو يا آهي جنهن نواز شريف تي گهمنڊي ۽ تڪبر پرستيءَ جا الزام نه لڳايا آهن، ها هاڻي جيڪڏهن ڪو انهن الزامن ۾ واڌارو آيو آهي ته اهو هي ته “ نواز شريف اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج جي خلاف ڳالهائي ٿو هن جي بيانيي ۾ سخت تنقيد آهي انهيءَ سان پاڪستان ڪمزور ٿيندو” خلائي مخلوق جو اصطلاح نواز شريف ايجاد ڪيو، جيڪو هن وقت تائين اشارن ۽ ڪنائين ۾ استعمال ڪندو ٿو رهي، جڏهن هو ضرورت محسوس ڪري ٿو ته سڌا نالا کڻي نه رڳو تنقيد ٿو ڪري پر ڌمڪي به ڏئي ٿو.
نواز شريف جي بيانيي ۾ سخت ٻولي ته پهريان ئي هئي پر هن دفعي علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ کان پوءِ ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز جي وڌيڪ سرگرم ٿيڻ کان پوءِ ان سختيءَ ۾ وڌيڪ شدت ايندي رهي ٿي. نواز شريف جي تنقيد ۾ جيئن شدت اچي ٿي ته انهيءَ جو ڌڏو سندس پارٽيءَ کي اچي ٿو. ڪشمير جي اليڪشن ۾ مريم نواز صاف لفظن ۾ چيو هو ته هاڻي نواز شريف اڪيلو ناهي هن جي ڌيءَ به ان سان گڏ آهي کيس به ڪو به لوڏو ناهي اسان هر چيليئج جو مقابلو ڪنداسين. تڏهن شهباز شريف لب ڪشائي ڪئي انهيءَ کان پهريان هو ڪشمير اليڪشن جي ڪميپئن دوران پوري طرح خاموش رهيو بس رڳو ايترو ڪڇيو ته هو آيل نتيجن کي قبول نٿو ڪري، پر هاڻي هو چئي ٿو ته ن ليگ جي اليڪشن ۾ شڪست رڳو اها نه پر 2018ع جي اليڪشن ۾ به ن ليگ جون غلطيون هيون، هن وقت تائين انهن غلطين جي نشاندهي ناهي ڪئي، ممڪن آهي ته اڳتي هلي ڪري يا مبهم طريقي سان پنهنجا پاند آجا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي يا کيس اهو ڀئو هجي ته ايندڙ اليڪشن ۾ نواز شريف جي بيانيي ۾ وڌيڪ شدت اچي يا نواز شريف سڌي ٽڪراءَ جي پوزيشن ۾ اچي وڃي. پاڻ پهريان به اهو بحث پنهنجي اخبار جي مضمون ۾ ڪندا رهيا آهيون ته ن ليگ جي اندر سرد اختلاف موجود آهن پر انهن اختلافن ۽ تضادن کي هن حد تائين نه اڀاريو ويندو جو شهباز شريف ۽ نواز شريف جي وچ ۾ هڪ لڪير ڇڪجي وڃي.
جيڪڏهن اڳتي هلي اها لڪير وڇوٽي جي صورت اختيار ٿي ڪري ته انهيءَ جو نقصان شهباز شريف کڻڻ جي لاءِ تيار ناهي ۽ نه وري شهباز شريف هن بري وقت ۾ وڏي ڀاءُ کان جدا ٿيندو پر هن بيان ڏئي پنهنجي دل ۽ دماغ تان اهو بار هلڪو ڪيو يا گرم اکين کي ٿڌو ڪيو جيڪي شهباز شريف کي تيش ۾ ڏسي رهيون هيون. اهو تمام مشڪل مرحلو ٿيندو جو شهباز شريف ڀاءُ کان جدا ٿئي پر هاڻي اهو به تمام گھڻو ڏکيو آهي ته هو اهڙي بيان ڏيڻ کان پوءِ ته هي شڪستون يا مصيبتون سندن غلطين جي پيداوار آهن جنهن جو مقصد اهوئي ٿو نڪري ڪنهن ٻئي جو گناھه ناهي جيڪو ڪجھه ٿئي پيو انهيءَ ۾ هنن جو پنهنجو عمل دخل ۽ فيصلا آهن جنهن ۾ به صاف ظاهر آهن ته پارٽيءَ جا فيصلا پارٽيءَ جي اندر ٿيڻ جي بجاءِ جڏهن به ٿيا آهن ته اهي نواز شريف جي مرضيءَ سان ئي ٿيا آهن. اختلاف وڌندي ڪهڙي نهج تي پهچن ٿا انهيءَ جو اندازو ته ڪري سگھجي ٿو پر مڪمل راءِ ڏيڻ ڏکي هجي ته ڇو ته جنهن رولنگ ڪلاس ۽ اقتدار پرست نفسيات تي پاڻ بحث ٿا ڪريون انهيءَ ۾ گھڻي ڀاڱي آخري حدون مقرر گھٽ ئي هونديون آهن،
اصل بحث هن ٻن ڀائرن جي اختلافن کان وڌيڪ انهيءَ رخ يا پهلو تي آهي ته ڇا نواز شريف هاڻي جيڪو ڪجھه چئي ٿو ته هو تاريخ سان گڏ رهندو اقتدار هن لاءِ ڪا معنيٰ نٿو رکي ته ڇا اهو ممڪن آهي؟ ته نواز شريف اقتدار جي ڊيلنگ کان ٻاهر نڪري صاف ۽ چٽو ٿي تاريخ جو ساٿ ڏيندو. اسان کي ياد آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي کي شيخ مجيب الرحمٰن چيو هو ته “ ڀٽا صاحب هي تو کي به ماريندا ۽ مون کي به ” تڏهن ڀٽي صاحب شيخ مجيب کي جواب ڏيندي چيو ته “ شيخ صاحب مان تاريخ جي هٿان مرڻ کان هنن جي هٿان مرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندس. تاريخ جو موت ذلت آهي ۽ هنن جو موت مون کي امر ڪري ڇڏيندو” گفتگو ۽ عمل اسان جي اڳيان موجود آهي،
ڀٽي صاحب چاهيو يا نه پر هو تاريخ جي ان سرخ بيلٽ ۾ اچي ويو جتي ماڻهو امر ٿي وڃي ٿو. يقينن تاريخ سان بيهڻ تمام گھڻو ڏکيو فيصلو هوندو آهي پر هي به ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته تاريخ جي طاقتور فوج ۽ قوت صرف ۽ صرف عوام هوندو آهي هن ملڪ جي پوري سياسي تاريخ ۾ عوام جي فيصلي ۽ سياسي ڪردار جو استعمال تمام گھٽ ڪيو ويو آهي ها شيخ مجيب انهيءَ تي ثابت قدم رهيو يعني هن عوام جي سياسي طاقت کي ڪڏهن بارگينگ جي انجيڪشن سان ڪمزور نه ڪيو، ليڪن هتي اهو عمل ناهي ٿي سگھيو. هر وقت عوام جي وڌندڙ لهرن کي مفاهمت جي بندن سان وڌڻ کان روڪيو ويو آهي.
هاڻي ڇا نواز شريف عوام جي طاقت کان سواءِ تاريخ جي جدوجهد کي وڌائي سگھندو؟ ڇا هن جي آڏو جيڪا به رڪاوٽ آهي انهيءَ کي عوام جي طاقت کان سواءِ هٽائي سگھي ٿو؟ پارٽي جي مٺ جيترن ماڻهن سان اها جنگ وڙهڻ انتهائي ڏکي آهي. ن ليگ جي اندر بلاشڪ ووٽر جي طاقت تمام وڏي هجي پر جيستائين اها ووٽر جي طاقت تحريڪ جي صورت ۾ پاڻ کي اڳتي نه وڌائيندي تيستائين اهو ممڪن ئي ناهي ته تاريخ ۾ ڪو اڳواڻ پاڻ کي سرخرو ڪري سگھي.
بيانن وفادارين جي واعدن ۽ اقرارن سان تاريخ جي تعمير ناهي ٿي سگھندي جيڪو ڪلاس نواز شريف سان گڏ آهي انهيءَ جي وڏي اڪثريت مفاهمت جي پيداوار آهي. هاڻي جڏهن اقتدار جي مفاهمت جي دور پنهنجو دٻاءُ وڌائيندي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو آهي ته انهيءَ جي دانهن شهباز شريف کان به نڪري پئي تنهن ڪري اهو مقابلو ن ليگ جي مٿين ڌارا ته دٻاءُ برداشت نٿي ڪري سگھي پر عوا جي طاقت سڀ ڪجھه ڪري سگھي ٿي. هاڻي فيصلو نواز شريف جي عمل مان ظاهر ٿيندو ته هو عوام جي طرف وڌي ٿو يا صرف سياسي بيانن سان مخالفن کي“ شھه مات ” ڏيندو.