ڇا سانوڻي کي منهن ڏيڻ جي تياري آهي ؟

0
277
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ چوماسي جي برساتن جو سلسلو جولاءِ جي وچ ڌاري شروع ٿي ويو هو، جنهن جو هيل تائين ته سنڌ تي ڪو خاص اثر نه پيو آهي پر پنجاب،ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ انهي برسات جا اثر نقصان جي صورت ۾ ظاهر ٿيا آهن. بلوچستان مان وهي ايندڙ نئين ڪاڇي ۾ به ڪجهه ڏينهن ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي ۽ ڪاڇي جو گهڻو حصو باقي شهرن کان ڪيترائي ڏينهن ڪٽيل رهيو. ڪاڇي واري علائقي ۾ چوماسي جي برساتن بعد نئين گاج ۽ ٻيون نئيون وهي اچڻ سبب اتي وڏي تباهي آئي آهي، جنهن جي ڪري اتان جو انفراسٽرڪچر جھڙوڪ روڊ رستا ۽ سوين ڳوٺن ۾ ڪچا ۽ ڪکاوان گھر ڊهي پٽ پئجي ويا. وڏي ڳالهه ته هڪ ڏينهن اسلام آباد جهڙي گادي واري هنڌ جو هڪ سيڪٽر طوفاني برسات ۾ ڪنهن درياءَ جو ڏيک ڏئي رهيو هو ۽ اهي وڊيوز سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿيون جنهن کانپوءِ پيمرا کي هڪ هدايتنامو جاري ڪرڻو پيو جنهن جو متن هو ته چئنلز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز هلائڻ کان پاسو ڪن.
هن وقت تازي صورتحال موجب فلڊ ڪميشن پاران ڏکڻ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.پاڻي جي کوٽ هجي يا ٻوڏ ان جو وڏي ۾ وڏو نقصان زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن کي ٿيندو آهي. هن وقت تائين به سنڌ ۾ زرعي پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جا سوين آبادگارسارين جا ٻيجارا سڙڻ کان بچائڻ لاءِ سراپا احتجاج آهن،پر جيڪڏهن هن سانوڻي جي موسم کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ اپاءَ نه ورتا ويا ته وري اهي ئي آبادگار پنهنجا فصل ٻڏڻ ڪري احتجاج تي مجبور هوندا.پنجاب ،ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ چوماسي جون برساتون ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هن ڀيري به سانوڻ ۾ وڌيڪ برساتون پوڻ جو امڪان آهي ۽ درياءَ ۾ به چاڙهه هوندو. سنڌ ۾ جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي شروعات کان سانوڻي جي شدت هوندي آهي جيڪڏهن هاڻي ايندڙ برساتن ۾ سنڌ جي بئراجن ،شاخن ،واهن جا ڪپر مضبوط نه ڪيا ويا ته ايندڙ وقت ۾ وري ڪو وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو. 2011ع ۾ به موسميات کاتي ۽ فلڊ ڪميشن پاران ڪيترائي الرٽ جاري ڪيا ويا هئا، سنڌ ۽ وفاقي حڪومت پاران وقت سِر اپاءَ نه وٺڻ جي ڪري جيڪو نقصان ٿيو اهو اسان جي سامهون واضح آهي. 2011ع ۾سوين خاندان پنهنجي سڄي عمر جي ڪمائي ۽ اجها انهي ٻوڏ ۾ وڃائي ويٺا هئا ۽ وري پنهنجي پيرن تي نه بيهي سگهيا آهن .ايئن ئي هر سال ٿيندڙ برساتون آبپاشي عملدارن جي ٿوري غفلت جي ڪري سنڌ جي زراعت ۽ معيشت کي ڪاپاري ڌڪ هڻنديون آهن ۽ شهرن ۾ به نالن جي صفائي نه ٿيڻ ڪري برساتون ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏينديون آهن.
اسان سمجهون ٿا ته سانوڻي جي شدت کان اڳ اک پٽڻ جي ضرورت آهي جتي جتي بند ڪمزور آهن انهن کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ شهرن ۾ نالن جي صفائي هاڻي کان ئي شروع ڪئي وڃي جيئن ڪا ڏکي صورتحال پيدا نه ٿي سگهي ۽ ماڻهو پنهنجي اجهن ۽ روزگار کان محروم نه ٿين.