نواب ولي محمد (ن پ ا) ضلعي بندي باوجود مختلف شهرن کان ڪراچي ويندڙ غيرقانوني طور ڪڻڪ سان ڀريل چار ٽرالر نواب ولي محمد ڀرسان قومي شاهراهه تي قائم علي آباد گودام تي مقرر فوڊ انسپيڪٽر محمد يوسف راهو ڪارروائي ڪري پڪڙي ورتا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي فوڊ انسپيڪٽر محمد يوسف راهو ٻڌايو ته ٽرالرن مٿان يوريا ڪلر ۽ هيٺان ڪڻڪ هئي، چئن ٽرالرن مان 11 سو ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ ڪري علي آباد گودام اندر شفٽ ڪئي وئي آهي، سنڌ سرڪار پاران قلم 144 لاڳو ڪيل ضلع بندي جي نوٽيفڪيشن مطابق ڪارروائي ڪئي آهي.