ملير (رپورٽر) ملير پاران مختلف علائقن ۾لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪارروائي، 50 دڪان سيل ڪيا ويا. خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر ملير گنهور خان لغاري ملير جي مختلف علائقن ابراهيم حيدري، ايئرپورٽ روڊ، ميمڻ ڳوٺ، قائدآباد جو دورو ڪري مختلف علائقن ۾ لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ 50 دڪانن کي لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ تي سيل ڪري ڇڏيو.