نواب ولي محمد (ن پ ا) نواب ولي محمد ڀرسان مختلف ڳوٺن ۾ ڳوٺ علي بخش سنگراهه، ڳوٺ انور چانڊيو، ڳوٺ خان محمد چانڊيو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ بيماري پکڙجي وئي، جنهن سبب هڪ هفتي ۾ 2 مينهون، 1 ڳئون، 1 گابو ۽ 5 ٻڪريون مري ويون. جڏهن ته ڪيترائي ڍور بيمار آهن، جنهن سبب مالوند ماڻهو پريشان آهن. ڳوٺاڻن علي بخش سنگراهه، سومر خان سنگراهه، عبدالله سنگراهه ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته چوپائي مال کي وئڪسين ڪرائي وڃي جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي.